سفرناما

مور ان ملائيشيا

”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو بہ هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي. مور ساگر جو هي سفرنامو نہ رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل بہ نظر اچي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 381
  • 83
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مور ان ملائيشيا

ملاڪا جو نالو وڻ جي پُٺيان

ملاڪا شروع شروع ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هو، اُهو به ملاحن جو جيڪي مڇي ماريندا هئا، جئين پاڻ وارو ڪراچي. هي ڳوٺ سمنڊ جي ڪپ تي هو، اُن ڳوٺ ۾ هندو راجا جو اچڻ ٿيو، اُتي هڪڙو وڻ بيٺل هو، جنھن کي ملئي زبان ۾ ’ميلاڪا‘ سڏيندا هئا، جيڪي وڻ هِتي عام جام ٿيندا هئا. اُن راجا اُن وڻ پٺيان هن شھر جو نالو ’ميلاڪا‘ رکيو، جيڪو اڳتي هلي ’ملاڪا‘ نالي مشھور ٿيو.
ملاڪا شھر پوءِ ملائيشيا جي گادي جو هنڌ پُڻ بڻيو، ۽ ملائيشيا جو هي پھرين وجود ۾ آيل شھر آهي. ملاڪا بابت الطاف شيخ لکي ٿو ته:
هي شھر ايترو پُراڻو ناهي هن کان وڌيڪ اسان جا شھر ٺٽو، سکر ۽ روهڙي آهن. 1402ع ۾ سنگاپور پاسي جي سري وجايا خاندان سان تعلق رکندڙ چڱو مڙس پرميشور اُتي جي جهيڙن جهٽن مان جان بچائي اچي ملاڪا ۾ رهيو ته اُن وقت ملاڪا ۽ سڄي ملايا هڪ گهاٽو جهنگل. سمجهو ته سنڌ جي ڪچي وارو علائقو هو سو به اڄ کان 50 سال اڳ وارو، جڏهن گهاٽا ٻيلا ۽ گاهه هو، جنھن مان هلڻ به مشڪل هو. آمدرفت فقط ندين مان ٻيڙين رستي ٿي سگهي ٿي. ان وقت نه هو اڄ وارو پينانگ، نه شاهه عالم نه جوهربارو نه اپوح شھر، ويندي ڪوالالپمور به 400 سالن بعد جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺھڻ لڳو. جڏهن ته اسان وٽ سيوهڻ ۽ ٽنڊوجھانيان جھڙا شھر به دُنيا ۾ مشھور هئا، تڏهن ته ابن بطوطا دنيا جي سير تي اُنھن شھرن کان اچي نِڪتو، قلندر شھباز وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ايران ڇڏي 1200ع ڌاري (يعني ملاڪا ۾ راجا پرميشور جي آمد کان به 200 سال اڳ) اچي سيوهڻ وسايو. راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ وقت سڄي ملايا (ملائيشيا) ۾ نه هو فنون لطيف، نه شعر و شاعري، هوڏانھن اسان وٽ اُن کان به 80 سال کن اڳ 1320هه ۾ امير خسرءَ (علاوالدين خلجي ۽ غياث الدين تغلق جي درٻار جي شاعر) تغلق نامو لکيو.
بحرهال هن ملاڪا ۾ آيل ملئي هندو راجا پرميشور پنھنجي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ اتر کان سياسي راجائن جي کونئس کان بچڻ لاءِ چين جي مِنگ حاڪم کي پنھنجو ابو امان بنايو ۽ ٻي طرف پورن ستن سالن بعد 1409ع ۾ پاسائي حاڪمن جي ڌيءَ سان شادي ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ پنھنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو جو اُنھن ڏينھن ۾ پرشن (ايراني) حاڪمن کان هر هڪ Impress هو، جن پاڻ کي فارسي جي لفظ ’شاهه‘ سان سڏرايو ٿي. هن جي مسلمان ٿيڻ تي سندس رعيت جا ماڻھو به مسلمان ٿيڻ لڳا، جيڪي شروع ۾ سڀئي هندو ڌرم جا هئا.
اڳيان هلندا هلون ٿا، ۽ هيءَ بازار تمام پُراڻي لڳي رهي آهي، پُراڻين عمارتن سان ٺھيل/ اَڏيل خوبصورت سجايل دُڪانن جي اڏيل هي بازار، جنھن ۾ هر شئي ٻارڙن جي رانديڪن کان وٺي جوتا ڪپڙا، ٿانوَ وغيرهه ۽ وچ وچ ۾ کائڻ، پيئڻ لاءِ هوٽلون ۽ جوس جا ننڍا ننڍا دُڪان پڻ ساڳين بازار ۾ موجود آهن.

اسان ناريل يعني ڪوڪونيٽ ورتو گلاسن ۾ پيتو، جيڪو هن بازار جو مشھور جوس يا شربت سمجهو، ڪجهه ٻارڙن لاءِ ننڍا ننڍا رانديڪا ورتاسين، پائڻ لاءِ ٽوپيون به ورتيوسين، جيڪي چارئي پاسن کان ڇٽيءَ وانگر ٺھيل آهن، جيڪي مون نصيرالدين شاهه کي ڪافي فلمن ۾ پائيندي ڏِٺيون آهن، بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ پُراڻو ۽ مشھور اداڪار راجڪمار پائيندو هئو. يا کلنائيڪ ۾ سنجي دت کي جيڪا ڪاري ٽوپي پيل آهي، اُهي ٽوپيون 20 رنگيٽ ۾ يعني (660)، هِتي اسين هر شئي کي مَلٽي پلاءِ ڪيون ته پوءِ هٿ ڪڍيو ڇڏيون، باقي جنھن به شئي کي ملٽي پلاءِ پاڪستاني رپين ۾ نٿا ڪيون ته اُهي وٺي پيا وڃون.
جيئن ڪجهه چَپَل پُڇياسين جن کي ملٽي پلاءِ ڪيوسين ته 2 اڍائي کان 5 يا 7 هزارن تائين پيا ٿين ۽ اسين هڪدم هٿ ڪڍيو وڃون، ڇا ڪجي اسانجي رپئي جي ته ڄَڻ ڪا اهميت ئي نه رهي آهي. ڪنھن هنڌ پڙهيم ته پاڪستان کان ٻاهر ويندڙ سياح جيڪڏهن هر شئي کي پاڪستاني روپئي سان ملٽي پلاءِ ڪندو ته نه ڪجهه وٺي سگهندو، نه گهمي سگهندو، نه کائي پي سگهندو، ويتر بُک مري موٽندو. ڪجهه ئي قدم اڳيان وڌون ٿا ته هڪ پاسي گيٽ ٺھيل آهي جنھن تي ڪارن اکرن ۾ ليکل آهي. Taman Warisan Punia Joker Walk اُن جي هيٺان چيني زبان ۾ لکيل آهي. اندر ننڍڙو پارڪ ۽ اُن ۾ ڪُجهه جانورن جا بُت بنيل، سڀ کان وڌيڪ دلچسپي جو باعث مٿي ويٺل باڊي بلڊر آهي جنھن جي هيٺان بورڊ تي: Datuk Wira Dr. Gam Boon Leong ۽ ٻه ٽي ٻيا نالا لکيل آهن. The Father of Bodyabuilders in Malayasla اُتي فوٽوگرافي ڪيون ٿا، خان جا فوٽو ڪڍيم ۽ جنھن وقت منھنجي واري آئي اُن ئي وقت، هڪ پاسي آئون باڊي بلڊر جو نقل ڪري بيٺس ته ٻي پاسي، جپاني ڇوڪري جنھن کي پُڻ پيلي ڪلر جي شرٽ پاتل هئي باڊي بلڊر جو نقل ٿي ڪري، اسان ٻئي ميچ هئاسين ۽ خان ڪيمرا جي اک ۾ اِهو منظر محفوظ ڪري ورتو.

ساڳي ئي رستي تان اڳتي وڌون ٿا، ٻنھي پاسي اَڇيون اُجريون مايون، بدن ته چانڊوڪي جھڙو پر سُونھن بلڪل به نه. ممڪن آهي ممڪن ڇا بلڪِ يقينن هِتي وارن لاءِ ته اُنھن مان ئي ڪيتريون خوبصورت حسينائون هونديون، اسان کين ڪجهه نٿا سمجهون ته ڇا ٿيو. پر هڪڙي حقيقت آهي سڀني مُلڪن جا ماڻھو مون ناهن ڏِٺا باقي جن به ملڪن جا ماڻھو ڏِٺا آهن سڀني مان سرس سونھن پاڪستان، سنڌ ۾ ۽ ڀارت ۾ بس دنگ ٿيو. بدن جي رنگت ڀلي کڻي سڀني کان وڌيڪ انگريزن جي هجي، پر سُونھن جنھن کي چئجي اُن جو ته هِتان گُذر ئي نٿو ٿئي.
اڳيان هڪڙو چوڪ ٿو اچي جنھن جي چوڌاري وڻندڙ بلڊنگس اڏيل آهن ۽ هن وقت آسمان تي موسم جُهڙالي آهي، ويڪرا ۽ صاف رستا، اسان ته وڌ ۾ وڌ فوٽوگرافي ڪئي پئي. سامھون هڪڙي جهوپڙي نما بلڊنگ جنھن تي صليب جو نشان لڳل هو، هيٺان ڪارن اکرن ۾ لکيل آهي. Tamil MeThooist Church هيءَ بلڊنگ 1908ع جي ٺھيل آهي، يعني هڪ صدي کان به وڏي عمر آهي هن بلڊنگ جي ۽ خوبصورت ڏسڻ ۾ ايئن ٿي اچي ڄڻ ويجهڙ ۾ ئي ٺھيل آهي. ٻي سائيڊ کان روڊ تي دروازو ٺھيل آهي. جنھن تي لکيل آهي. Tonken Walk ۽ هيٺان چيني ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. هِتي مون هڪ ڳالھه نوٽ ڪئي ته هر لکيل بورڊ تي انگريزيءَ سان گڏ چيني زبان به ضرور لکيل آهي. اسان وٽ ايئن ڇو ناهي ته سنڌ صوبي جي ٻولي صرف سنڌي آهي نه اردو ۽ نه انگريزي، هُئڻ ته ايئن گهرجي ته هر بورڊ، هر ڏس پتي تي انگريزيءَ سان گڏ سنڌي هُجڻ ضرور سمجهيو وڃي. پر اِهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان جي سنڌ گورنمينٽ اِهو چاهي ۽ سنڌ گورنمينٽ کي پنھنجا مفاد پنھنجي زبان، پنھنجي ٻولي کان وڌيڪ عزيز آهن. اِهو ئي سبب آهي جو جنھن کي جيڪو وڻي ٿو چوندو وتي، خير اجايو جذباتي ڪيفيت ٿي پئي وڃي، هِتي ان ڳالھه جو ڪو سروڪار ڪونھي، صرف ٻولي جي ڳالھه ڪرڻي هُئي جيڪا ڪري چُڪس.