مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

مقدمو

[i]الحمد لله و کفيٰ و سلام عليٰ عباده الذين الصطفيٰ
[/i]
اما بعد: اگر نظامِ عالم تي غور ڪيو وڃي ته هر شيءِ جو هڪ غرض ۽ غايت نظر اچي ٿي هر شي جي سٺائي ۽ خرابي ان مان واضح ٿئي ٿي اگر اها شئي پنهنجي پيدائش جي مقصد کي پورو ڪري رهي آهي ته اها سٺي چورائي ٿي نه ته خراب چورائي ٿي مطلب چاقو قلم تراشيءَ لاءِ ٺاهيو وڃي ٿو ان جي خوبي اها آهي ته اهو قلم کي سٺي نموني تراشي اگر قلم کي تراشڻ ۾ مڏو آهي ته ردي چورائيندو خواهه ڏسڻ ۾ ڪيترو خوبصورت اچي عليٰ هذالقياس انسان جي پيدائش جي به هڪ مصلحت ۽ حڪمت آهي جيڪا الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ بيان فرمائي آهي. [b](وما خلقت الجن و الانس الا ليعبدون ما اُريد منهم من رزق وما اريد ان يطمعون* ان الله هو الرزاق ذوالقوة المتين) [/b]ترجمو: [i]مون انسانن ۽ جنن کي ان لاءِ پيدا نه ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن، آئون انهن کان ڪوبه رزق نٿو گھران ۽ هي به نٿو چاهيان ته مونکي کڻي اچي کارائين. بيشڪ الله تعاليٰ اهوئي رزاق طاقت وارو مضبوط آهي.[/i]
لهذا انسان جي سٺائي ۽ خرابي شرافت ۽ رذالت ديانت ۽ خيانت انهي حڪمت تحت پروڙي ويندي اگر فرائض عبوديت جي ادا ڪرڻ تيز ۽ سربڪف ۽ هوشيار آهي ته سٺو شريف ۽ ديانتدار چورائيندو نه ته ان جو ابتڙ لفظن جو مصداق بنجي ويندو.
[b]صحيح معرفت: [/b]حق عبوديت ادا ڪرڻ کان پهرين انسان لاءِ خداءِ قدوس وحده لا شريڪ لَھ جي صحيح معرفت ۽ سڃاڻ ضروري آهي ورنه دورازه الاهيه جي مڪمل شناخت نه هجڻ ڪري خطرو آهي ته حق عبوديت بارگاه الاهي ۾ پيش ٿيڻ بجاءِ غير الله ڏي هليو وڃي . سڄي عمر محض نيڪي ڪري پوءِ دنيا ۽ آخرت جو خسارو کڻي دنيا مان رخصت ٿئي. ان ڪري الله تعاليٰ جي جلالي ۽ جمالي اسماءُ الحسنيٰ جي فهرست ان کي ٻڌائي وڃي ته بندو خداءِ قدوس وحده لا شريڪ لھ کي صحيح نموني سڃاڻي . (ترجمو شرح اسماءُ الحسنيٰ مرشد العلماءِ سائين احمد علي لاهوري رحه)
[b]تخلق ۽ تعبد:[/b] سڀ کان پهرين اسماءُ الحسنيٰ جي شرح ڪئي ويئي آهي ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته اگر انسان انهن نالن جو مظهر بڻجن چاهي ته ڪهڙي طرح پاڻ کي انهن خصوصيتن سان متخلق بڻائي ۽ اگر پنهنجي مالڪ رب ذوالجلال جي ان صفت جي سامهون حق عبوديت ادا ڪرڻ چاهي ته ڪهڙي طرح ادا ڪري . جن مقدس بزرگن جي ڪتابن مان شرفِ استفادو ڪيو پيو وڃي هتي الواسع ان جي تتبع جو التزام ڪيو ويو آهي لهذا جتي انهن تخلق ۽ تعبد جو ذڪر ڪيو آهي اوترو ئي اوهان جي سامهون پيش ڪيو ويو آهي ، البته ڪٿي اشد ضرورت تحت ڪجهه ڪلمات پنهنجي طرفان به لکيا ويا آهن.
حضرت ابو هريره رضي الله عنھ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم فرمايو بيشڪ الله تعاليٰ جا 99 نالا آهن جنهن شخص انهن کي ياد ڪيو اهو بهشت ۾ داخل ٿيندو ، الله تعاليٰ اها ذات آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي . (حديث)