مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الصبورُ = گھڻو صبر ڪندڙ

الصبورُ = گھڻو صبر ڪندڙ
اُهو جيڪو گنهگارن جي پڪڙ ۾ تڪڙ نه ڪري ، صبور حليم جي معنيٰ کي ويجھو آهي مگر ايترو فرق آهي ته صبور ڄاڻائي ٿو ته صبر ڪيائين مگر آخرت ۾ وٺندو ۽ حليم مطلق آهي ، بعض چون ٿا صبور ۾ عذاب جو ڊپ گھڻو آهي ۽ حليم ۾ عفو جي اميد.
[b]تعلق[/b] : سڀني آزمائشن ۾ ان کان صبر طلب ڪري.
[b]تخلق[/b] : ڪنهن ڪم ۾ تڪڙ نه ڪري، فراق جي رنج ۾ وصال جي اميد سان پناھ وٺي، اشتياق جي درد جو علاج محبوب جي ذڪر سان وٺي ته مقصد کي رسي.