الرزاق = رزق ڏيندڙ
رزاق اها ذات جنهن رزق پيدا ڪيو ۽ پنهنجي مخلوق تائين پهچايو ۽ اهڙا سبب سمجھايائين جنهن ڪري هر شخص بخوبي پنهنجون حاجتون پوريون ڪري سگھي. (حضرت رحه ۽ غزالي)
[b]تعلق[/b] : جڏهن ٻانهي سڃاتو ته رزاق اهو آهي تڏهن رزق جو انتظار انکان سواءِ ٻئي کان نه ڪري ٻئي ۾ اميد نه رکي جڏهن خبر اٿس ته روزينو مقدر آهي تڏهن روزي لاءِ دل تنگ نه ٿئي ان بابت خلق جي گلاءَ شڪايت نه ڪري .
[b]تخلق[/b] : پنهنجي هٿ سان جسم لاءِ رزق جو بندو بست ڪري ۽ زبان کي روح جي ذڪر لاءِ مختض ڪري پروردگار ۽ ٻانهن جي وچ ۾ جسماني ۽ روحاني رزق پهچائڻ لاءِ واسطو بڻجي اهل و عيال ۽ ٻيو ڪوبه ماتحت هجي ته ان تي معيشيت ڪشادي ڪري مهمان اچڻ وقت منهن نه گھنجائي.