مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الخافظ الرافعُ

الخافظ = هيٺ ڪندڙ الرافعُ = مٿي ڪندڙ
نافرمانن کي هيٺ ٿو ڪري ۽ فرمانبردارن کي مٿي ٿو ڪري. (حضرت).
[b]تخلق[/b] : الله تعاليٰ جي فرمانبردارن جي حمايت ڪري ۽ نافرمانن جي باطل پرست تحريڪن کي چپي اولياءَ الله سان دوستي رکي دشمنانِ خدا سان عداوت رکي. (حضرت)
[b]تعلق[/b] : ان کي ئي هيٺ مٿي ڪندڙ ڄاڻي مرتبي جي هيٺيائين جي ان کان پناهه گھري ۽ مرتبي جي مٿانهين جي ان کان دعا گھري . (م_ر)
لطيف نُڪتو : ديني ڀائرن ۽ مشائخ اهلِ يقين جو رتبو پاڻ کان مٿي سمجھي پاڻ کي سڀ کان گھٽ سمجھي تاڪه پنهنجي نيڪين تي نظر پوي ۽ ٻئي جا عيب نظر نه اچن.