مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الحق = سچ ، ثابت

الحق = سچ ، ثابت
حق جي معنيٰ آهي ثابت ۽ موجود حق جو مقابل آهي باطل ان جي معنيٰ آهي ڪوڙو ڏيک يا ٺڳي. (شرح)
هستي هڪ الله جي آهي ٻي سڀ موجود امڪان جي حيثيت ڪري معدوم آهي ناچيز نسبت آهي (م_ر).
[b]تعلق[/b]: الله کان سواءِ هر شئي باطل تصور ڪري فقط الله تعاليٰ کي حق ۽ باقي تصور ڪري .
[b]تخلق[/b] : مستحق ٿئي حق جي متابعت سان جا نبوي شريعت آهي ۽ ان مان نور ۽ حضور دل حاصل ڪري جنهن سان حق تعاليٰ جي يادگيري ۾ مستغرق ٿئي ۽ حقانيت جي معنيٰ سان موجود ٿئي.