الشکور = ٿوري عمل تي گھڻو عطا ڪندڙ
اها ذات جيڪا دنيا جي ٿوري عمل تي آخرت ۾ گھڻو عطا ڪري.
[b]تعلق[/b] : الله تعاليٰ کي ٻانهي طاعت تي گھڻو ثواب ڏيندڙ ڄاڻي. سندس طاعت ۽ سچائي ۾ وڏو اخلاص پيدا ڪري (م_ر)
[b]تخلق[/b] : جيڪو شخص ساڻس احسان ڪري ان جو احسان مڃي ۽ شڪر ادا ڪريس ٿي سگھي ته سٺو بدلو ڏئيس نه ته ان لاءِ دُعا ڪري (م_ر)