اَلمُحصي= ڳڻيندڙ
اها ذات جيڪا پنهنجي معلومات جو پوري طرح احاطو ڪري ۽ محصي مطلق اهو آهي جنهن جي علم ۾ هر معلوم جي حد ۽ ڳڻپ غرض ته هر حالت جو پورو نقش هجي انسان اهڙي قسم جو علم پهچائڻ ۾ عاجز آهي ان لاءِ محصي فقط رب جي ذات آهي. (حضرت ، غزالي)
[b]تعلق[/b]: حفظ ۽ علم ۾ رکي هي ڳالهه ته الله تعاليٰ جو علم سڀني علمن، احوالن، جزئين، کي شامل آهي ۽ آخرت جي حساب کان غافل نه هجي. معاش ۽ معاد جو حساب وٺي.
[b]تخلق[/b]: پنهنجا عمل ڳني هن کان اڳ جو ڳڻجنس . نفس سان ليکو ڪري پنهنجي ظاهر ۽ باطن جي عملن تي واقف هجي.