مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلواسِعُ = ڪشادو

اَلواسِعُ = ڪشادو
ذات ۽ صفات ۾ ايترو وسيع هجڻ جنهن جو عقل احاطو نه ڪري سگهي .
[b]تعلق[/b] : الله تعاليٰ کي ذات ۽ صفات ۾ وسيع ڄاڻي . جھل ، عجز احتياج جي تنگي ۾ ان کان پناهه گھُري.
[b]تخلق[/b] : علم معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري . سخا ۽ احسان ڪري سينو ڪشادو رکي دل ۽ هٿ کي فراخ رکي جاهلن جي ايذاءَ کان تنگ نه ٿئي ڪا شئي ڪنهن کان نه رکي سڀ ڪنهن سان هر طرح ڪشادو رهي.