مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الشهيدُ = حاضر موجود.

الشهيدُ = حاضر موجود.
حق سبحانھ وتعاليٰ حاضر ۽ شاهد آهي ، ظاهر ۽ باطن تي ڏٺل نه ڏٺل تي شاهدي ڏيندڙ آهي قيامت جي ڏينهن خلق جي عملن تي ۽ احوالن تي ۽ شاهد آهي پنهنجي وحدانيت تي ۽ شاهد آهي ڪُل نبين (عليهم السلام) تي اُهي نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم تي ايمان آڻيندا .
[b]تعلق[/b]: حق تعاليٰ جي وقف ۽ حضر هجڻ واري پنهنجي عملن تي ان جي حاضر هجڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان بي خبر نه ٿئي . رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي اچڻ ۽ ان شاهدي تي ايمان رکندڙ هجي.
[b]تخلق[/b]: پنهنجي اندر کي بغض ، حسد ۽ ڪيني کان پاڪ رکي تاڪه دينا ۽ آخرت ۾ شاهدي جي لائق ٿئي. الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ نبين عليهم السلام جي ٻولن تي شاهد هجي.