مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلجَلِيلُ = وڏو بزرگ

اَلجَلِيلُ = وڏو بزرگ
جليل جي معنيٰ وڏو بزرگ ، اسماءُ الحسنيٰ ۾ ٽي اسم بزرگ جي معنيٰ سان آيل آهن. (1) جليل، (2) ڪبير، (3) عظيم. امام غزالي ٽنهي اسمن ۾ هن طرح فرق لکيو آهي ڪبير ذات ۾ ڪامل ، جليل صفات ۾ ڪامل ۽ عظيم ذات ۽ صفات ۾ ڪامل کي چئبو . (شرح)
[b]تعلق[/b]:ڄاڻي ته جليل برحق ۽ جليل مطلق الله جي ذات آهي ان ڪري ڪنهن ٻئي جي تعظيم نه ڪري.
[b]تخلق[/b]: پنهنجي نفس کي ڪمال سان موصوف ڪري باطني صفتن کي دريت ڪري بداخلاقين کان باز اچي تاڪه جليل ۽ جميل ٿئي الله تعاليٰ ۽ سندس مخلوق کيس دوست رکن . (حضرت شيخ)