القادرُ _ المُقتَدِرُ = سگھارو _ سگھه ڏيندڙ
ٻنهي جي معنيٰ قدرت وارو پر مقتدر ۾ مبالغو آهي يعني گھڻي قدرت وارو ، قادر اها ذات جيڪو ڪم وڻيس نه ڪري وڻيس ته ڪري.
[b]تعلق[/b]: الله تعاليٰ کي قدر باڪامل ڄاڻي سندس گھر کان خوف کائي لطف ۽ مهربانيءَ ۾ اميدوار هجي سندس حڪم ۽ ارادي کي قبول ڪري. (م_ر) جيڪڏهن ڪو رنجائيس ته بدلو نه وٺي الله تعاليٰ کي بهتر بدلو وٺندڙ ڄاڻي . (م_ر)
[b]تخلق[/b] : قادر هجي نفس جي مخالفن تي، شيطان جي گمراهي کان منع ڪرڻ تي طبعيت جي سڌن ڏانهن لاڙي کي روڪڻ تي .