مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الخَبِير = هرشئي جي خبر رکڻ وارو

الخَبِير = هرشئي جي خبر رکڻ وارو
خبير اها ذات آهي جنهن کان پوشيده خبرون لڪل نه رهن زمين و آسامن جي هر ذره جي نقل و حرڪت بلڪه هر ساهواري جي قلبي اضطراب ۽ اطمينان جي خبر رکي. (حضرت)
[b]تعلق[/b]: هن جي علم جو مراقبو هٿان نه ڇڏي جيڪا نبين خبر ڏني آهي سا دل سان مڃي ۽ امر ۽ نهي بجا آڻي.
[b]تخلق[/b] : دين جي ڪمن ۾ خبردار رهي ۽ باريڪ بين هجي نفس جي ٺڳين ۽ فريبن ۽ ڊپ ڪري، ماڻهن کي به انهي جي خبر ڏئي.