الغفار = گھڻو بخشيندڙ
غَفَر جي معنيٰ پردو وجھڻ آهي غفار اها ذات آهي جيڪا خوبيءَ کي ظاهر ڪري ۽ برائي تي پردو وجھي. (حضرت رحه ، بحواله غزالي). غفار مبالغو غافل کان ۽ غفور ان کان به گھڻي مبالغي وارو آهي ٻانهي تي سَتُر هيءُ آهي جو ان جون اندروني غلاظتون مثلاََ آنڊا پيٽ جو گند ظاهر سونهه ۽ کل سان ڍڪي ڇڏيائين. اهڙي طرح دل جا وسوا بدگمانيون دل جي پردي ۾ لڪايائين . ڪنهن کي به ان تي مطلع نه ڪيائين نه ته انسان سڀني جي نظرن ۾ ڪري پوي ها. (حضرت)
[b]تعلق[/b]: الله تعاليٰ جي رحمت کان نا اميد نه ٿئي، گناهن تي مغرور نه ٿئي ۽ توبهن ۾ دير نه ڪري عمر جو اعتبار نه آهي.
[b]تخلق[/b] : مخلوق جا عيب ڍڪي انهن جي گناهن کي درگذر ڪري.