مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

المُؤمن = امن ڏيندڙ

المُؤمن = امن ڏيندڙ
دنيا ۽ آخرت جي تڪليفن کان بچڻ لاءِ اسباب مهيا ڪري ڏيندڙ چاهي اهي تڪليفون جسماني هجن يا روحاني.
[b]مثال :[/b] بُک لاهڻ لاءِ اناج ۽ دوزخ جي عذاب کان بچڻ لاءِ انبياءَ عليهم السلام ۽ آسماني ڪتابن سان رهنمائي ڪيائين.
[b]تخلق[/b]: سڄي مخلوق کي پنهنجي شر کان محفوظ رکي پنهنجي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن کي به نه ايذائي.
[b]تعلق[/b]: ظاهري ۽ باطني امن الله کان گھُري.