مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلمُحي _ اَلمُمِيتُ = زنده ڪرڻ وارو _ مارڻ وارو

اَلمُحي _ اَلمُمِيتُ = زنده ڪرڻ وارو _ مارڻ وارو
موت حياتي جوپ مالڪ الله تعاليٰ آهي . لهٰذا مُحي (زنده ڪرڻ وارو) مُميت (مارڻ وارو) الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي
[b]تعلق[/b]: حياتي ابدي حاصل ڪرڻ لاءِ حياتري فاني کي صرف ڪرڻ سان حياتي نعمت جو شڪرانو بجا آڻي. جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ڪنهن سبب کي حقيقي مؤثر نه ڄاڻي.
[b]تخلق[/b]: خدائي معرفت سان دل جي جيارڻ ۾ ڪاوڙ ۽ سڌ واري قوت سان نفس سان سعيو ڪري. طالبن ۽ مريدن جون دليون هدايت جي نور سان جيئريون ڪري ۽ انهن جا نفس گمراهي جي اونداهي سان ماري.