مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الفتاح = کوليندڙ

الفتاح = کوليندڙ
اها ذات جنهن جي مهرباني سان هر مغلق ۽ مشڪل کُلي پوي (شرح). اها ذات جنهن جي رحمت سان هر ڳنڍ، عقدو کُلي ۽ مشڪل حل ٿئي (حضرت رحه ۽ غزالي).
[b]تعلق[/b] : ڪنهن مشڪل جي عقده ڪشائي لاءِ غير جي در تي نه وڃي سڀ کان پهرين الله جي در تي اچي عاجزي سان دعا ڪري پوءِ اسبابن ۾ هٿ وجھي ته مراد کي رسي . (حضرت)
[b]تخلق[/b] : ڪوشش ڪري علم جي طالبن تي خير جو دروازو کولي ماڻهن ۾ تڪرار ۽ جھيڙي جو نبير ڪري مظلومن ۽ عاجزن کي مدد ڏئي .. (م_ر)