مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

المتکبر = يعني گھڻي وڏائي وارو

المتکبر = يعني گھڻي وڏائي وارو
اها ذات جيڪا پنهنجي مقابلي ۾ سڀني کي حقير سمجھي، ٻين کي ان نظر سان ڏسي جيئن بادشاهه پنهنجي غلامن کي ڏسي ٿو. هي معنيٰ الله لاءِ بلڪل صحيح ۽ ٻين لاءِ مفهوم هجي (شرح)
[b]تعلق[/b]: حق تعاليٰ جي ڪبريائي ۽ سندس قدر جي مٿانهپ سڃاڻي ۽ دل کي ان جي وڏائي ۾ مستغرق ڪري ۽ نوڙت بي وارث لازم ڪري ان جي بندگي ۾ ڪنڌ نمائي امرن ۽ حڪمن کان منهن نه موڙي.
[b]تخلق[/b]: هن کي پهچڻ جي سببن کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه يعني دنيا جون لذتون حقير ڄاڻي ۽ دنيا وارن جي انهن سڌن ۽ سينگارن اڳيان مٿو نه جھڪائي پر هن نيت سان ته اسان جو مٿانهون شان آهي ۽ دين جو مٿانهون رتبو آهي. ۽ نه نفس جي تعظيم ۽ پنهنجي ذات جي تڪبر سببان.