مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الباعِثُ = اٿاريندڙ

الباعِثُ = اٿاريندڙ
اٿاريندڙ ميت کي قبر مان جاڳائيندڙ ننڊ مان ۽ موڪليندڙ ڪنهن کي ڪنهن ڪم ٿي.
[b]تعلق[/b]: غضب جي ننڊ مان جاڳائي ۽ هوشيار ٿئي. نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي نافرماني مان بيزار ٿئي . قيامت جو ڏينهن ياد ڪري پاڻ کي آخرت جي ڪم ۾ مشغول ڪري.
[b]تخلق[/b]: مئل دليون جُهل جي قبر مان اٿاري علم سان ابدي حياتي جو سبب آهي. جيئريون ڪري غافلن کي غلفت جي ننڊ مان جاڳائي هوشيار ڪري خلق ڏانهن تعليم ۽ ارشاد لاءِ خط موڪليندو رهي.