اَلحسيبُ = ڪفايت ڪندڙ حساب وٺندڙ
اهڙو ڪافي جيڪڏهن ڪنهن جي ڪفايت ڪري ته ان کي ٻي ڪا حاجت نه رهي . قيامت جي ڏينهن حساب وٺندڙ اهڙو حساب وٺي جو ساهه به ڳڻي ٿو.
[b]تعلق[/b]: الله کي ڪافي سمجھي ان تي توڪل ڪري ۽ پنهنجا قول ۽ فعل سُٺا ڪري پنهنجي وجود تي تڪبر نه ڪري پنهنجي ڪمن تي فخر نه ڪري.
[b]تخلق[/b]: احتياج وارن جي ڪمن جي پورائي ڪري پنهنجي نفس کان حساب وٺي ان کان اڳ جو کانئس حساب وٺجي.