مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلحَمِيدُ = ساراهيل

اَلحَمِيدُ = ساراهيل
حميد معنيٰ تعريف ڪيل ، الله تعاليٰ پنهنجي ذات پاڪ لاءِ ازل کان تعريف ڪندڙ آهي. ۽ پنهنجي مقرب ٻانهن جي ساراهه ڪندڙ آهي.
[b]تعلق[/b] : سڀني وقتن ۽ حالتن ۾ حق تعاليٰ جو حمد ڪندڙ هجي چڱائي ۽ نيڪي جي اميد مخلوق سان ڇني خالق سان ڳنڍي. رياءَ کان بچي. (م_ر)
[b]تخلق[/b]: ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ سعيو ڪري حميد جو مظهر اهو هوندو جنهن جا عقائد، اخلاق، اعمال ۽ اقوال محمود هجن. ان ۾ ڪنهن قسم جي مير نه هجي هي خوبي سيد المرسلين صلي الله عليھ وسلم ۽ ٻين نبين سڳور عليهم السلام کان سواءِ اولياءَ ڪرام ۽ علماءَ عظام ۾ پنهنجي پنهنجي درجي ۾ موجود آهي.