الوهاب = گھڻو ڏيندڙ گھڻو عطا ڪندڙ
وهاب هبه مان مشتق آهي جنهن جي معنيٰ آهي اهڙي بخشش جا غرض ۽ عيوض کان خالي هجي ڇاڪاڻ جو ڏيندڙ پنهنجي ڏيڻ جي مقابل ڪا شئي وٺي ٿو سو حقيقت ڪري وڪڻندڙ آهي . نه ڪي بخشش ڪندڙ (م_ر)
[b]تعلق[/b] : انسان جڏهن هي واضع ٿي وڃي ته وهاب مطلق خدا جي ذات آهي تنهن هر شئي ان کان گھُري ان مان اميد رکي ان کان سواءِ سڀ مان آسرو لاهي ڇڏي. (حضرت)
[b]تخلق[/b] : جيڪو هٿ ۾ هجيس مال توڙي جان سو سڀ دنيا ۽ آخرت جي ثواب جي طمع کانسواءِ حق تعاليٰ جي واٽ ۾ خرچ ڪري . (م_ر)