اَلحَلِيمُ = بردبار
اها ذات جيڪا بندن جي نافرماني ڏسي پئي مگر ان جي غضب کي جوش نٿو اچي باوجود قدرت رکڻ جي بدلو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
[b]تعلق[/b]: اهو تصور ڪري جنهن ته جڏهن هتي في الحال حلم ڪيو اٿس ته اڳتي به بخشيندو اهڙي ڪريم جو هر وقت شڪر ڪري ان جي نافرماني کان شرم ڪري (م_ر)
[b]تخلق[/b] : ضبطِ نفس جي مشق ڪري تحمل ۽ بردباري اختيار ڪري خلاف طبع جيڪي ڳالهيون اچن تن کي برداشت ڪري اشتعال ۾ نه اچي.