مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلمُنتَقِمُ = انتقام وٺندڙ

اَلمُنتَقِمُ = انتقام وٺندڙ
دشمنن کي ڊيڄاري ، دفع عذر ڪري ڪافي مهلت ڏئي ان بعد مخالفن کي سخت سزا ڏئي.
[b]تعلق[/b] : الله تعاليٰ جي سزا ڏيڻ کان ڊپ وارو هجي نافرمانين کان پاسو ڪري.
[b]تخلق[/b] : شريعت جي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ سستي نه ڪري دسين جي دشمنن کي سزا ڏئي سڀ کان وڏو دشمن نفس اماره آهي.. ان جي سزا آهي ان کي شريعت جو زوري تابع ڪرڻ.