مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

القابض = بند ڪندڙ، الباسط = ڪشادو ڪندڙ

القابض = بند ڪندڙ، الباسط = ڪشادو ڪندڙ
مال ۽ دولت ، علم ۽ عرفان جي گھٽ وڌائي تنگي ۽ ڪشادگي ان وحده لا شريڪ لھ جي قبضي ۾ آهي. (حضرت رحه )
[b]تعلق[/b] : انسان کي گھرجي ته مال ۽ دولت جي ڪشادگي يا علم ۽ عرفان جي وسعت لاءِ فقط ان جو دروزاو کڙڪائي غير جي دروزاي تي نه وڃي . رزق جي تنگيءَ تي صبر ڪري ۽ ڪشادگيءَ جو اميدوار رهي. (حضرت رحه )
[b]تخلق[/b] : الله تعاليٰ جي وڏائي سان سندس عذاب جا تذڪره ڪري دلين کي قبض ڪري ۽ جون عطائون ، نوازشون ياد ڪري دلين کي بسيط ڪري نفس ۽ ماتحت سان ٻنهي اسمن موجود هلت ڪري ته ڪماليت کي رسي اهي مونجھه ۽ پريشان هجن ته انهن کي ڪشادو ڪري ۽ جڏهن گھڻو جرئت ڪن ته دلير ٿين تڏهن انهن کي جھلي . (م_ر)