الرَّشِيدُ = ارشاد ڪندڙ
جنهن جا قول ۽ فعل سنئين واٽ تي هُجن حڪم سندس تمام پورا ۽ محڪم هُجن ڪڏهن سندس ڪم ۾خلل نه پوي .
[b]تعلق[/b] : الله جا سڀ امر سڌا ڄاڻي، ان جي ابتڙ گمراهي سمجھي. تقدير الاهي سان جيڪي حادثا پيش اچن انهن تي راضي رهي .
[b]تخلق[/b] : الله تعاليٰ جي خلق جو سونهون (رهنماء، اڳواڻ ) ٿئي. ديني ۽ دنوي معاش ۽ معاد جي چڱاين ۾ خلق کي شريعت ، طريقت ۽ حقيقت سان معرفت سان واٽ ڏيکاري.