الملک = بادشاهه
جنهن جي تصرف هيٺ ٻئي جهان آهن
[b]تعلق[/b] : ان جي تصرف ۽ قدرت کي نگاهه ۾ رکي، ماڻهن کان مڪمل بي نياز ٿئي اميد ۽ ڊپ انهن ۾ نه رکي نه انهن اڳيان احتجاج ظاهر ڪري.
[b]تخلق[/b]: نفس، قلب ۽ جسم جي بادشاهي ۾ تصرف ڪري پنهنجي عضون کي شريعت جي تابع رکي، طالبن ۽ ارشاد وٺندڙن ۾ به تصرف ڪري.