مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

القويُّ _ المتين = قوت وارو _ نهايت ڏاڍو

القويُّ _ المتين = قوت وارو _ نهايت ڏاڍو
قوي مان مراد پوري طاقت وارو ، متين مان مراد سخت طاقت وارو،
تعقل: سڀني ڪمن ۾ قوت ۽ مدد ان کان گھُري پاڻ کي ۽ ٻين کي جو ان جو مطيع ڄاڻي بي ادبي ۽ جُرات وقت ان جي قوت ۽ قدرت کان ڊڄي .
[b]تخلق[/b]: نفس جي سڌ تي غالب هجي دين ۾ سخت هجي شرعي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ سستي کي پاڻ تي غالب ڪرڻ نه ڏئي.
نفس ڪافر ڪيش را بر خويشتن سلطان مَڪُن
دشمن ست او هرچه فرمايد آن ڪُن آن مَڪُن
نفس ڪافر مذهب واري کي پاڻ تي بادشاهه نه ڪر، ڇو ته اهو دشمن آهي، جيڪي چوي ته اهو ڪر اُهو نه ڪر.