مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

العليُّ = بلند مرتبي وارو

العليُّ = بلند مرتبي وارو
اها ذات جنهن جي مرتبي جي مٿان ٻئي جو مرتبو نه هجي (حضرت بحواله غزالي)
[b]تعلق[/b] : ان ذات جي اڳيان پاڻ کي عاجز سمجھي عاجزيءَ جو اقرار ڪري.
[b]تخلق[/b] : علم، عمل ۾ ايتري قدر ڪوشش ڪري جو هم جنس م سڀني ڪماليتن ۾ ممتاز نظر اچي البته جيتري به ترقي ڪندو انبياءَ عليھ السلام جي درجي تي نه پڄندو.