مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلتَّوابُ = رحمت ڏي رجوع ڪندڙ

اَلتَّوابُ = رحمت ڏي رجوع ڪندڙ
اصل توبه جي معنيٰ موٽڻ آهي جيڪڏهن نسبت بندي ڏي ڪبي ته گناهن ۽ نافرمانين کان موٽڻ مراد وٺبي ۽ جي الله ڏي نسبت ڪبي ته رحمت سان موٽڻ ۽ توبه جي توفيق ڏيڻ مراد وٺبي. (م_ر)
[b]تعلق[/b]: هميشه اميد جو دروازو کولي رکي نا اميدي جو دروازو بند ڪري، الله تعاليٰ کان توبه جي توفيق گھُري.
[b]تخلق[/b] : بانهن جي لغزشن کي معاف ڪري ۽ جي عذر ڪن ته توبه ڪن ته معاف ڪري احسان ۽ انعام سان انهن ڏانهن موٽي (م_ر)