مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلضَّارُ _ اَلنَّافِعُ = ضرور ڏيندڙ _ نفعو ڏيندڙ

اَلضَّارُ _ اَلنَّافِعُ = ضرور ڏيندڙ _ نفعو ڏيندڙ
يعني خلقيندڙ چڱي ۽ مٺي جو نفعي ۽ ضرر جو خاص الله تعاليٰ پيا ڪندڙ درد ۽ دوا جو نه دوا پنهنجي ذات ڪري نافع نه زهر پنهنجي ذات ڪري قاتل، الله تعاليٰ انهن کي سبب ڪري ٺاهيو آهي.
[b]تعلق[/b]: ضرر ۽ نفعو الله تعاليٰ کان ڄاڻي ۽ اسباب جي عالم کي هن جي قدرت هيٺ سمجھي.
[b]تخلق[/b] : شريعت ۽ امر الاهي سان دين جي دشمنن کي ضرر رسائي دين جي دوستن کي نفعو ڏئي.