اَلمُقَدِمُ _ اَلمُؤَ خّرُ = اڳتي ڪرڻ وارو _ پوئتي ڪرڻ وارو.
هر شئي کي مرتبي ۾ اڳتي ڪرڻ وارو هي تقدم ۽ تاخر بندخي جي علم ۽ عمل جي ڪري نه آهي بلڪه الله تعاليٰ جنهن کي چاهي پنهنجي مخص مصالح جي ڪري اڳتي ڪري.
[b]تعلق[/b]: جڏهن تقديم تاخير خدا وٽان آهي تڏهن پنهنجي عملن تي اعتماد نه ڪري بلڪه الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ڏي نظر ڪري . (م_ر)
[b]تخلق[/b]: چڱن ڪمن ۾ اڳرائي ڪرڻ سان پاڻ کي اڳتي ڪري نفس ۽ شيطان ٻيو به جيڪو خدا کان منع ڪندڙ هجي ان کي پوئتي ڪري. جنهن کي الله تعاليٰ اڳتي ڪيو آهي ان کي ويجھو ڪري جنهن کي پري ڪيو اٿس ان کي پري ڪري. (م_ر)