مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلغفورُ = هر هر بخشيندڙ

اَلغفورُ = هر هر بخشيندڙ
غفار ۽ غفور ٻئي مبالغي جا صيغا آهن انهن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ مبالغو آهي، هڪ صيغي جو [b]تعلق[/b] آهي، مغفور ماڻهن جي لاتعداد سان يعني گھڻن ماڻهن کي بخشيندڙ ٻيو آهي خود مغفرت سان مغفرت ۾ بخشش زياده ڪرڻ وارو . (شرح)
[b]تعلق[/b]: الله جي هن صفت جو تصور ڪري ته هر هر بخشيندڙ آهي ان جي عظمت دل ۾ ويهاري ان جا نافرماني کان شرم ڪري (مؤلف)
[b]تخلق[/b]: الله جي بندن جي بي فرمانين جي ايتري قدرت عفو ڪري جو ٻانهن ۾ غفار چورائڻ جو مستحق ٿئي (حضرت)