مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلغني _ الَمُغنِي = بي پرواهه _ بي پرواهه ڪندڙ

اَلغني _ الَمُغنِي = بي پرواهه _ بي پرواهه ڪندڙ
غنا جي معنيٰ بي پرواهه ٿيڻ، الله تعاليٰ جي ذات صفات ۽ افعال ۾ بي پرواهه آهي باوجود ان جي هُو پنهنجي ٻانهن کي غني ڪرڻ وارو آهي جو غير جي غني ڪرڻ سان ٿئي . اهو غني مطلق نٿو ٿي سگھي واقع اهو محتاج غير آهي مطلق صرف الله جي ذات آهي.
[b]تعلق[/b] : حق تعاليٰ کي بي نياز ڄاڻي پنهنجون حاجتون ان اڳيان پيش ڪري ۽ ان کي بي نياز ڪندڙ ڄاڻي ٻئي ڪنهن ۾ طمع نه رکي ۽ نه سوال ڪري صرف ان کان . (م_ر)
[b]تخلق[/b] : خلق کان بي نياز ٿئي اسم غني کان خُلق وٺندڙ ٿئي محتاجن جي مدد ڪري جيترو ٿي سگھي مسڪينن کي ڏئي سوال کان بي نياز ڪرين ته اسم مغني مان ڀاڱو مليس.