مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

الرَّقيبُ = نگھبان

الرَّقيبُ = نگھبان
رقيب اهو آهي جيڪو پنهنجي شين کي اهڙي نظر ۾ رکي جو ڪڏهن به اکين کان اوجھڙ نه ٿين.
[b]تعلق[/b]: ظاهر ۽ باطن ۾ رب ڪريم کي پنهنجو نگھبان سمجھي ۽ ان جي نافرمانين کان پاسو ڪري.
[b]تخلق[/b]: نفس۽ شيطان کان غافل نه ٿئي متان هو پنهنجو ڪم ڪري وٺن. الله سان پنهنجي [b]تعلق[/b] قلبي جي هر طرح حفاظت ڪري اهو راضي ڪري.