السميع = ٻڌندڙ ، البصير = ڏسندڙ
ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٻئي الله جون صفتون آهن. الله ٻڌي ٿو بغير ڪنن جي ۽ ڏسي ٿو بغير اکين جي.
[b]تعلق[/b] : نه ڳالهائي مگر اهڙي ڳالهه جنهن جي ڪرڻ سان رب راضي ٿئي جيڪي ڳالهائي ادب جي دائري ۾ رهي. گلا، بهتان، لاڪ، ٻٽاڪ، نفس جي ساراهه کان پاسو ڪري. نه ٻُڌي مگر حق تعاليٰ جو ڪلام ، رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جو ۽ ان جي اتباع ڪندڙن جو حرام نگاهه کان پرهيز ڪري . دنيا جي زينت نگاهه نه ڪري . الله تعاليٰ جي عجيب مخلوقن ڏي نظر ڪري مراقبي جي هميشگي ڪري ۽ نفس جو محاسبو ڪري . (م_ر)