اَلنُّورُ = روشن
جيڪو پاڻ ظاهر ۽ ٻين کي ظهور جو سبب بڻجي اهو نور آهي . ڪُل موجودات کي عدم مان وجود ۾ آڻيندڙ رب العالمين آهي لهٰذا اسم نور جو مستحق به اهو آهي. (حضرت)
[b]تعلق[/b]: تبعيت جي اوڻائين ۽ نفس جي ڪدورتن کان نڪري هدايت جي قنديل ۽ شريعت جي ڏيئي مان نور حاصل ڪري ، شيطان ۽ نفساني خطرن کي رحماني ۽ ملڪاني کان جُدا ڪري ، جيڪو ظاهر شريعت جي علم ۽ ادبن جي رعايت ڇڏيندو ان جي دل تي حقيقت جو نور نه ايندو.
[b]تخلق[/b]: ايمان ۽ معرفت جي نور مان روشن هُجي ، دين جا حڪم ظاهر ڪندڙ هُجي، رياضت، مجاهدي، تزڪيي، تصفيي سان نور ۾ فنا ٿي بشريت جون اونداهيون فنا ڪري.