مذهب

شرح اسماءُ الحُسنيٰ

هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
Title Cover of book شرح اسماءُ الحُسنيٰ

اَلخالق ، الباري, المصور

اَلخالق ، الباري، المصور
پيدا ڪندڙ نئين سر پيدا ڪندڙ صورت ڏيندڙ
هي ئي اسم پيدا ڪرڻ جي معنيٰ ۾ تقريبن هڪ جهڙا آهن هر هڪ جي خصوصيت جدا آهي خالق جي معنيٰ پيدا ڪرڻ کان پهرين اندازو ڪرڻ بَرا جي معنيٰ پيدا ڪرڻ مصور معنيٰ صورت ڏيڻ، اگرچه الله تعاليٰ وٽ پيدائش ۾ هي ٽئي درجا هڪ ئي دفعي فوراََ طئي ٿي وڃن ٿا مگر رُتبي هڪ ٻئي کان مٿي آهن عالم علوي ۾ سلفي ۽ عرش کان تحت الثريٰ تائين جيڪي ڪجهه پيدا ٿيو يا ٿيندو سڀ الله تعاليٰ جي صفتن خلق، براءَ ۽ تصوير جو پيدا ڪيل آهي ۽ هوندو. (حضرت)
[b]تعلق[/b] : انسان کي کپي ته مخلوق کي ڏسي خالق جي طرف متوجه ٿئي ۽ هر صورت کي ڏسي ان جي مصور جي ياد تازه ڪري هميشه انهيءَ نظر و فڪر ۾ رهي. (حضرت رحه)
[b]تخلق[/b] : جنهن وقت عبادت جي وظيفن کان فارغ ٿئي تنهن وقت ڪو ڪسب ۽ ڪم ڪري جنهن سان پنهنجي لاءِ روزينو پيدا ڪري خصوصاََ اهڙو ڪسب ۽ ڪم جنهن جو اثر مرڻ کان پوءِ به باقي رهي ۽ ماڻهن کي فيض ۽ فائدو ٿئي (م _ر)