اَلقَيُّومُ = پاڻ پنهنجي ذات سان قائم
پنهنجي غير کي پنهنجي ذات سان قائم رکندڙ ۽ جيئرو ڪندڙ آهي.
[b]تعلق[/b]: حق تعاليٰ کي شين کي قائم ۽ جيئرو ڪندڙ ڄاڻي توڪل جي پاڇي ۾ حياتي گذاري (م_ر)
[b]تخلق[/b]: ماسويٰ الله کان بي نياز ٿيڻ جي قدر موجب ماڻهن جي مدد ڪري.