اَلوَليُّ = وارث دوست ، حمايت ڪندڙ
الولي جي معنيٰ محبت رکندڙ مدد ڏيندڙ، الله تعاليٰ جو مؤمنن سان محبت رکندڙ ۽ مدد ڏيندڙ آهي . (م_ر)
[b]ذَالِکَ بِاَنَّ اللهَ مَوۡلَي الَّذِيۡنَ اٰمَنُو وَ اَنَّ الۡکٰفِرِيۡنَ لَا مَوۡليٰ لَهُمۡ[/b] (سورة مُحمد)
[b]تعلق[/b]: سڀني ڪمن ۾ ان کان مدد گھُري ان جي دوستي ۽ حجت تي شڪرانو ڪري. (م_ر)
[b]تخلق[/b]: الله جي دوستن کي دوست رکي انهن جي مدد ڪري ۽ الله جي دشمنن سان دشمني رکي (الله جي دشمنن مان مراد نفس جيڪو انسان جي اندر آهي) . (غزالي ، حضرت) .. بيروني دشمن دشمنانِ اسلام آهن. (غزالي، حضرت)