اَلوَکِيل = جنهن جي حوالي ڪم ڪيا وڃن.
جنهن جي هٿ ۾ سڀ ڪم ڪري ڇڏجن ۽ تصوف جي واڳ ان جي هٿ ۾ ڏجي ۽ هو انهن ڪمن کي قبول ڪري ڇو ته ٻانهن جا اُمور الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن. هو قادر به آهي رحيم به آهي.
[b]تعلق[/b]: سڀ ڪم ان جي حوالي پاڻ ان جي اختيار ۾ تدبير تي متوڪل رهي . ٻئي جي مدد وٺڻ بجاءِ هڪ الله کان مدد گھُري.
[b]تخلق[/b]: هيڻن ۽ عجزن جي ڪمن ۾ سعيو ڪري انهن جي پوري ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري انهن جي مطالبي کي سرانجام ڏيڻ ۾ اهڙو ٿئي ڄڻ سندن وڪيل هجي. پنهنجي نفس تي خدا تعاليءِ جي طرفان وڪيل ٿئي. الاهي حقن پوري ڪرڻ ۾ نفس سان جھيڙو ڪري.