شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.

Title Cover of book سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مقدمو

سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ، وستيءَ جي پنهنجي تاريخ آهي، سيوهڻ جا قديم مقبرا ۽ مزارون، ماڳ، جايون، تاريخي حيثيت رکن ٿيون. انهن جي اڏاوت حُسن، سينگار، گُل چٽ، مينار سنڌڙي جي ثقافت جو اهڃاڻ آهن. انهن مقبرن جي قدامت تاريخ جو حصو آهي. سنڌو ماٿري جي انسان جي تاريخ به قديم آهي. هتان جي تهذيب جنهن کي دنيا موهن جي دڙي جي تهذيب سان سڃاڻي ٿي. هر دور ۾ انسان پنهنجي ڪار گذاريءَ جا نشان ڇڏيندو آيو آهي ۽ وڃڻ کانپوءِ کيس مختلف طريقن سان مٽيءَ ماءُ يا خاڪ درياءَ بادشاھ جي حوالي پئي ڪيو ويو آهي. جڏهن کان هتي اسلام آيو ته مري ويندڙ مرد توڙي عورت کي اسلامي قاعدن موجب ڪفن جي بندوبست سان مٽيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. نه رڳو ايستائين پر هڪ مختصر نشان طور ”نشان قبر“ ٺاهي سندس نانءَ نشان کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهڙن سلسلن جي ڪري هاڻي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اڻ کٽ مقبرا انساني سماج لاءِ هڪ تاريخي ۽ ثقافتي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جي قديم قبرستانن ۽ مقبرن ۾ چوڪنڊيءَ جون مزارون، مڪليءَ جا مقبرا ۽ سيوهڻ جا قديم روضا اڄ به يادگار حيثيت رکن ٿا. جن ۾ عام مسڪين ماڻهن کان سواءِ وقت جي نوابن، اميرن، فقيرن، سالڪن ۽ عالمن جون مزارون ۽ مقبرا انساني هٿ چراند جي ڊاھ ڊوھ کان پاڻ بچائي پنهنجي وجود کي برقرار رکيو بيٺا آهن. جڏهن ته اڪثر اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جا شاندار تاريخي ماڳ مٽجندا ختم ٿيندا ٿا وڃن. ٻئي پاسي هن ڪتاب ۾ اهڙين مزارن ۽ مقبرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي انسان جي عبرت ۽ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ڪري کين قلمبند ڪرڻو ٿو پوي. 

 

سيوهڻ جي بزرگن جا تاريخي قديمي ۽ جديد ماخذ:

تاريخ معصومي :

مير محمد معصوم بکريءَ فارسي زبان ۾ هي ڪتاب 1009ھ ڌاري لکيو. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1953ع ۾ سنڌي ترجمي ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگ قلندر لعل شهباز، سيد مير ڪلان، مخدوم محمود فخرپوٽو، مخدوم بلاول، مولانا عبدالعزيز ابهري قاضي ڏتو سيوستاني، قاضي قاضن، مخدوم ميران ولد يعقوب جو ذڪر ملي ٿو.

حديقة اولياءُ:

سيد عبدالقادر ٺٽوي نصرپوري 1016 ھ ، 1607ع ۾ لکيو. سنڌ جي اوليائن بابت هي پهريون تذڪرو آهي. جيڪو سنڌ جي بزرگن تي ئي لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگن قلندر لعل شهباز، مخدوم بلاول، قاضي ڏتو سيوهاڻي جو احوال موجود آهي. هي ڪتاب به پهرين فارسي ۾ لکيو ويو، سنڌي ادبي بورڊ 2007ع ۾ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايو.

تاريخ طاهري:

سيد طاهر محمد نسيانوي ٺٽوي (ٺٽي شهر جي تاريخ) 1030ھ، 1621ع ۾ لکي. مصنف پنهنجي ديباچي ۾ سيوهڻ جي بزرگ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو تذڪرو ڪيو آهي. مخدوم ڇٽي آمراڻي جو اهو پهريون تذڪرو چيو وڃي ٿو. 

تذڪره مشايخ سيوستان:

مخدوم عبدالغفور ولد حيدر سيوستاني، 1039ھ، ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ شهر جي چوڏهن بزرگن جو احوال ملي ٿو. 

تذڪري ۾ (1) قلندر لعل شهباز، (2) مخدوم ڇٽو آمراڻي، (3) مخدوم قاضي برهان الدين، (4) شيخ نخرج، (5) سيد محب، (6) شيخ حاجي سوڍو، (8) شيخ دودو، (9) قاضي ادريس، (10) شيخ ٽوپڻ، (11) مخدوم سڪندر بودلو، (12) سيد سالار غازي، (13) شيخ احمد سنداڻي، (14) ميان جلال خاموش شامل آهي. 

افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انهن چوڏهن بزرگن مان 7 بزرگن جا مقبرا هن وقت موجود آهن. جڏهن ته مخدوم قاضي برهان الدين، شيخ نخرج، شيخ حاجي سوڍو، شيخ دودو، قاضي ادريس، سيد سالار غازي جون مزارون ميسارجي چڪيون آهن. گهڻي  ڳولا باوجود به هٿ نه اچي سگهيون آهن. 

تاريخ مظهر شاھجهاني:

يوسف ميرڪ 1044ھ ۾ لکي، يوسف ميرڪ ڪيئي صفحا هن ڪتاب جا سيوهڻ ۾ ويهي لکيا هئا، هي ڪتاب سيوهڻ جي تاريخ جو اهم ڪتاب آهي. تمام گهڻو مواد هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي باري ۾ آهي.

مقالات الشعراء:

مير علي شير قانع ٺٽوي 1174ھ ۾ لکيو هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي فارسي شاعري شامل ڪئي وئي آهي.

تحفته الڪرام:

مير علي شير قانع ٺٽوي 1181ھ ۾ هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي لکيو. تاريخ سان گڏ بزرگن جو به احوال ڏنو ويو آهي. قلندر لعل شهباز، شيخ مکڻ، مير صلاح الدين، سيد پير شاھ، سيد نور شاھ، سيد حيدر شاھ، نذر شاھ، اسد شاھ، سيد نهال شاھ، مير خضر شاھ، سيد موج دريا، قاضي ابو سعيد، قاضي قاضن، قاضي نصر الله، شيخ محمود، مخدوم زاهد، قاضي ڏتو سيوستاني، قاضي سائينڏنو شيخ مير محمد (ميان مير لاهور وارو، اصل سيوهڻ جو آهي) مير سيد ڪلان، مير عبدالله سطان، سيد عبدالطيف، ڇٽو آمراڻي، ملا دائود سيوستاني، ابوبڪر سيوستاني، وجيھه الدين، قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد، جو احوال تحفته الڪرام ۾ ملي ٿو. هي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيو ويو. سنڌي ادبي بورڊ 1975ع ۾ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو. 

معيار سالڪان طريقت:

 مير علي شير قانع ٺٽوي 1202ھ ۾ لکيو. سيوهڻ جي بزرگن قلندر لعل شهباز، مخدوم ڇٽو امراڻي، شيخ مکڻ، سيد مير ڪلان، شيخ ميان مير لاهوري، مخدوم بلاول، مخدوم ميران ۽ ٻين جو احوال آهي. هي مڪمل اوليائن تي ڪتاب لکيل آهي. 

رسالا حبيبيه يا المڪتوب حبيب:

1332ھ ۾ لکيو ويو، هن ڪتاب جو ليکڪ محمد قاسم غازياڻي ڀٽي آهي. محمد قاسم غازياڻي، ڀٽي مخدوم حبيب الله صديقي پاٽائي، سيوهاڻي جو مريد هو. هن ڪتاب جو اڪثر حصو مولوي ميان قاضي هدايت الله مٽياريءَ جي رد ۾ لکيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ 2006ع ۾ ڇاپيو آهي. هي ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيل آهي. 

انتساب مشائخ سيوستان :

مخدوم حسن الله شاھ پاٽائي جو تحرير ٿيل آهي. مخدوم حسن الله صديقي جي وفات 1339ھ ٿي. هيءُ ڪتاب پهرين فارسي ۾ لکيو ويو سنڌي ادبي بورڊ 2008 ۾ فارسي سان گڏ سنڌي ترجمي ۾ ڇپايو آهي. هيءُ ڪتاب سيوهڻ جي قاضي خاندان جي شجرن (قصن) بابت آهي. 

لُب تاريخ سنڌ:

خان بهادر خدا داد خان 1900ع ۾ لکيو. لب تاريخ سنڌ ۾ قلندر لعل شهباز ۽ مخدوم ڇٽي آمراڻي جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خدا داد خان لکي ٿو ته : 

”سيوهڻ جي باري ۾ تمام ٿورو لکيو ويو آهي. سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز رونق افروز آهي. جو سنڌ جو بادشاھ آهي، هاڻي هن موقعي تي سندس احوال ضرور لکڻ گهرجي.“ 

هي ڪتاب به فارسي ۾ لکيو ويو هئو. سنڌي ادبي بورڊ ترجمو ڪرائي 1989ع ۾ سنڌي زبان ۾ ڇپايو. 

قلندر نامو:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1904ع ۾ لکيو. هي ڪتاب قلندر لعل شهباز تي پهريون سنڌي زبان ۾ لکيل ڪتاب ملي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون نالو تذڪره لعل شهباز عرف قلندر نامو آهي. قلندر لعل شهباز جي سوانح، طريقت،سيرت، پيدا ٿيڻ جو احوال جامع آهي. هي ڪتاب قلندر لعل شهباز تي (نجو) چيو وڃي ٿو. 

قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو:

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ 1925ع ۾ لکيو. قلندر لعل شهباز ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو ذڪر ملي ٿو. بزرگن جو احوال، مرزا قليچ بيگ، تحفته الڪرام تان اڪثر نقل ڪيو آهي. 

حياته نامه قلندر:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو لکيل آهي. جيڪو 1931ع ۾ ڇپيو. 

ڀٽ جو شاھ Shah Abdul Latif of Bhit,:

ايڇ ٽي سورلي 1938ع ۾ لکيو هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ايڇ ٽي سورلي، شاھ لطيف تي لکيو آهي. ان سان گڏ سنڌ جي تاريخ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. 

جنت السنڌ:

رحيم داد خان مولائي شيدائي، 1958ع ۾ لکيو. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي آهي. قلندر لعل شهباز جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. رحيمداد مولائي شيدائي جو هڪ ٻئي ڪتاب تاريخ، تمدن سنڌ ۾ به، قلندر لعل شهباز جو ذڪر ڪيو آهي. 

الشهباز: 

جليل سيوهاڻي جو هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ ڇپيو . حضرت عثمان مروندي قلندر لعل شهباز ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن تي لکيو ويو آهي. قلندر لعل شهباز جي سوانح شجري، طريقت، جو اهم ذڪر ڪيو ويو آهي. 

جليل سيوهاڻي قلندر لعل شهباز جو عثمان نالو مٽائي ’شاھ حسين‘ رکيو آهي. قلندر لعل شهباز کي اهل تشيع فرقي جو زوريءَ قرار ڏنو آهي. جيڪو بلڪل غلط آهي. قلندر لعل شهباز کي 750 سال گذري ويا آهن. ڪنهن به عالم، اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي. سڀني عالمن، محققن حضرت شيخ ’عثمان‘ نالو لکيو آهي. تاريخ معصومي، تحفته الڪرام، حديقة اولياءُ، قلندر نامو ۽ ٻين ڪتابن ۾ جيڪي سنڌ جي تاريخ جا اهم ماخذ ليکيا وڃن ٿا ۽ ٻيا به ڪيترائي ليکڪ ’عثمان‘ نالي تي متفق ٿيا آهن ۽ تسليم ڪيو آهي ته، قلندر لعل شهباز جو اصل نالو ”عثمان“ آهي.اهو ئي درست سمجهڻ گهرجي . افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جليل سيوهاڻي پاڻ اهل تشيع فرقي سان تعلق رکندڙ وڏو مذهبي شخص هو، جنهن پنهنجي فرقي کي اهميت ڏني آهي. ليکڪ جو ڪم نه آهي ته هرو ڀرو ڪنهن تسليم شده ڳالهه کي بنا دليل جي رد ڪري ۽ پنهنجي راءِ زوريءَ مڙهي. قلندر لعل شهباز جو اصل نالو مخدوم شيخ ”عثمان“ آهي.ست سال گذرڻ کان پوءِ ڪنهن شخص جو نالو مٽائڻ لاءِ ڪو سگهارو دليل هئڻ گهرجي ،پر جليل سيوهاڻيءَ  ڪو مستند حوالو نه ڏنو آهي.ائين اچانڪ نالو تبديل ٿيڻ عجيب ٿو لڳي.  شيخ جي اڳوڻي دؤر ۾ معنيٰ معزز، عزت وارو، بزرگ طور چئي وئي آهي. جليل سيوهاڻي جو ڪتاب الشهباز اردوءَ ۾ به سنڌي وارو ساڳو ترجمي ۾ ڇپيل آهي. 

تذڪره شهباز: 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي 1964ع ۾ لکيو. قلندر لعل شهباز سان گڏ سيوهڻ جي بزرگن ۽ قلندر لعل شهباز جي معتقدن، مريدن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 

گلزار قلندر: 

ماستر محمد پريل سولنگي سيوهاڻي جو لکيل آهي، هي ڪتاب 1972ع ۾ ڇپيو، قلندر لعل شهباز جي سوانح طريقت، ميندي، ريتن رسمن ۽ ڌمال جي حوالي سان هي اهم ڪتاب آهي، وڏي محنت سان لکيل آهي. ٻولي به شاندار استعمال ٿيل اٿس. 

تذڪره مشاهير سنڌ: 

مولانا دين محمد وفائي 3 جلدن ۾ لکيو ، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگن، آوليائن ۽ درويشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جن ۾ مخدوم قلندر لعل شهباز، ڇٽو آمراڻي، بي جمال خاتون سيوهاڻي، خضر سيوستاني، دين محمد صديقي، مخدوم بلاول، عبدالواحد صديقي، مبارڪ شيخ، محمد سيوستاني، محمد عارف سيوستاني ۽ ٻين بزرگن جو  ذڪر موجود آهي. 

عظيم سنڌي انسان: 

ميمڻ عبدالغفور سنڌي 1980ع ۾ لکيو. ڪتاب ۾ ابوفضل سيوهاڻي، سيد ثابت علي شاھ، شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمددائود پوٽو، قاضي قاضن، قلندر لعل شهباز سيوهاڻي، جمن جتي ستي، مخدوم بصر الدين سيوهاڻي، ملا فيضي ۽ ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 

تذڪره اولياءَ سنڌ: 

علامه مولانا قاضي محمد اقبال حسين نعيمي جو ڪتاب1987ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز.جمن جتي ستي، شيخ خضر ۽ سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ آهي. 

مخدوم نوح سرور جا سيهوڳي: 

پروفيسر محبوب علي چنه لکيو آهي. هي مقالو ٽه ماهي مهراڻ ۾ 1964ع ۾ ڇپيو. بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ 1991ع ۾ ڇپيو، هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ڪي ويو آهي. جن ۾ مخدوم جعفربوبڪائي، قاضي قاضن، قاضي ڏتو، شيخ خضر سيوستاني، شيخ ميان مير، سيد ميرڪلان، ملا داؤد سيوستاني، ملا نور الحق مشتاق، عبدالعزيز ابهري ۽ ٻين بزرگن جو احوال ڏنو ويو آهي. 

سوانح حضرت لعل شهباز قلندر: 

ڊڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب 1995ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ به قلندري سلسلي جي طريقت شريعت، تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي ٻين بزرگن ۽ قلندر جو احوال آهي. 

سنڌي جي تاريخ جو جديد مطالعو: 

پروفيسر عبدالله مگسي 1994ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ به قلندر لعل شهباز تي لکيو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل آهي. 

سنڌُ جا بَرَ، بحرَ ۽ پهاڙَ: 

سنڌيءَ جي يگاني ليکڪ غلام رباني آگري جو لکيل آهي. هي ڪتاب 1997ع ۾ پهريون دفعو ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ٽن اوليائن پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاؤالدين ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز تي لکيو ويو آهي. غلام رباني آگري عثمان مروندي قلندر لعل شهباز تي تمام گهڻو لکيو آهي. جيڪو اهم مستند احوال آهي. 


حياتِ قلندر شهباز: 

پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ لکيو آهي 2006ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي. 

سوانح حضرت قلندر لعل شهباز: 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب آهي. هي اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي. 2007ع ۾ ڇپيو. 

سيد عثمان مروندي المعروف حضرت لعل شهباز قلندر: 

حياتِ افڪار ۽ تعليمات، مولانا پير محمد عامر چشتي جو لکيل آهي. 2008ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. 

سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري: 

سيد حاڪم علي شاھ بخاري جي لکيل آهي. 2008ع ۾ پهريون دفعو ڇپي. قلندر لعل شهباز، ڇٽو آمراڻي، بودلو بهار، سيد ثابت علي شاھ ۽ ٻين سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 

سيوهڻ صدين کان: 

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جو لکيل آهي. 2009ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب سيوهڻ جي بزرگن، اوليائن، شاعرن، درويشن، سياستدانن حڪمرانن جي حوالي سان اهم آهي. سيوهڻ جي هر بزرگ جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. روايتي انداز مطابق لکيل آهي. سيوهڻ جي تاريخ جي حوالي سان هيءُ پهريون (جامع) ڪتاب آهي. هن کان اڳ ڪو اهڙو جامع ڪتاب نظر نٿو اچي. تمام ڄاڻ وارو ڪتاب آهي. 

قلندر صوفي ۽ ملامتي: 

ڊاڪٽر نواز علي شوق جو لکيل آهي. 2011ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مقالا آهن. مقالا قلندر شهباز تي لکيل آهن. 

منڇر، گورک، گاج دنيا: 

بدر ابڙي جو لکيل آهي. 2011ع ۾ ڇپيو بدر ابڙو سياح جي حيثيت ۾ سنڌ گهميو آهي. هي ڪتاب کير ٿر سلسلي جي سفر جو آهي. ڪتاب ۾ سيوهڻ جي درگاهن، قلندر لعل شهباز، مخدوم ڇٽو آمراڻي، بودلو بهار ۽ ٻين بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

ديوان قلندر: 

مشتاق مسرور باريچو لکيو آهي. سوانح سان گڏ فارسي شاعري، اردو ترجمي ۾  ڪئي آهي. هي ڪتاب 2012ع ۾ ڇپيو.

حضرت لعل شهباز قلندر: 

سوانح حيات،ڪرامات ۽ ڪلام، مشتاق مسرور باريچي اردو زبان ۾ تصنيف ڪيو. 2012 ڇپيو.

تاريخ اولياءُ سنڌ: 

آفتاب ابڙي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سيوهڻ جي قلندر لعل شهباز مروندي، ميان مير قادري، مخدوم بلاول جو ذڪر ڪيو ويو آهي. 2012ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيو ويو آهي.

قلندر لعل سيوهاڻي: 

ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. 2012ع ۾ ڇپيو آهي. مقالا قلندر لعل شهباز بابت آهن. 

قلندر ۽ قلندري مشرب: 

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جو لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو. قلندر ۽ قلندري مشرب هڪ بهترين ڪتاب آهي.

شان قلندر: 

عنايت الله ڀٽو سيوهاڻي جو لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو. قلندر لعل شهباز سان گڏ سيوهڻ جي تاريخ ۽ ٻين بزرگن تي لکيل آهي. 

سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر مع شاعري: 

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي جو لکيل آهي. 2013ع ۾ ڇپيو هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي.

سيوهڻ جون ادبي شخصيتون:

هي ڪتاب هن مقالي لکندڙ(راقم)  جو آهي 2014ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب خاص ڪري ادبي شخصيتن لاءِ لکيل آهي. جن شخصيتن ادبي ڪم ڪيو هجي. جهڙوڪ شاعري، مذهبي ڪتاب ڪهاڻي، ناول، قصو لکيل هجي، انهن شخصيتن کي شامل ڪيو ويو آهي. مخدوم جعفر بوبڪائي، قلندر لعل شهباز، مخدوم عبدالواحد، سيد ثابت علي شاھ سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شيخ مبارڪ، قاضي قاضن، عمر بن محمد دائود پوٽو، پروفيسر فتح الله صديقي قاضي عبدالمجيد عابد، انور پنهور، پروانو سيوهاڻي ۽ ٻيون ڪيئي شخصيتون شامل آهن. 

قلندر ۽ قلندري فڪر :

ڊاڪٽر مخمور بخاري جو لکيل آهي. 2014 ۾ ڇپيو. 

لعل شهباز ڪي 100 واقعات:

سيد غلام مصطفيٰ جو لکيل آهي. 2015ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. 

سيوستان کان سيوهڻ تائين:

قاضي آفتاب جو مرتب ۽ مصنف ٿيل آهي. 2015 ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب ڪو خاص نه آهي. ٻين ڪتابن تان گهڻو الٿو ٿيل آهي. 

پرواز قلندر:

جو مؤلف صوفي شوڪت رضا آهي، 2018ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. 

حضرت عثمان مروندي لعل شهباز قلندر:

سيد ارتظيٰ علي ڪرماني لکيو آهي. ڇپائي جو سال لکيل نه آهي. ڪجهه سال ٿيا آهن ته ڇپيو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي. ان کانسواءِ به ڪيترائي ڪتاب مرتب ٿيل آهي، رسالن ۽ مئگزينن ۾ قلندر لعل شهباز جو احوال ملي ٿو.


سيوهڻ جي ڪجهه غير معروف بزرگن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

سيد مدار علي شاھ:

سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي ويجهو هڪ بزرگ تي نالو ”مدار شاھ“ لکيل هيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ ويس ته ان ساڳي بزرگ جو نالو مزاري شاھ لکيل هئو. مجاور سان ملاقات ٿي جنهن پنهنجي عقيدي جون ڳالهيون ٻڌايون جيڪي مڃڻ جوڳيون نه هيون. افسوس ٿيو. ماڻهن بزرگن کي ڪمائي جو طريقو بنائي ڇڏيو آهي. اصل ۾ هيءَ مزار سيد ثابت علي شاھ سيوهاڻي جي والد  مدار علي شاھ جي مزار آهي. 

سيد قائم علي شاھ:

اها سيوهڻ جي تاريخي قلعي ويجهو اوڀر ڏکڻ ۾ هڪ مقبرو ٺهيل آهي بورڊ تي سيد قائم علي شاھ لکيل آهي. هي مقبرو ويجهڙائي واري دور ۾ ٺهيو آهي. فرشبندي ۾ ٽائيل جون خوبصورت سرون استعمال ٿيل آهن. هن جاءِ تي قبرستان هيو هاڻ ان جاءِ تي قائم علي شاھ جي مزار مٿان مقبرو ٺهرايو ويو آهي. وڌيڪ معلومات نه ملي سگهي آهي. 

اسماعيل شاھ بخاري:

اسماعيل شاھ بخاري جي مزار ڀٽي محلا ۾ آهي ٻه ٻيون به مزارون آهن تن مان هڪ گل محمد ولد ميڙائو لاکو جي آهي، گل محمد لاکو جنم 1914ع وفات 1990ع آهي. ٻي مزار عبدالقيوم جي آهي وفات 1970ع ڌاري  ٿي، قيوم سيوهڻ جو نه هئو، لعل جو مجاور هو، پاسي واري مسجد ۾ اچي رهندو هو. وفات کان پوءِ ان جاءِ تي دفنايو ويو.

سيد نور علي شاھ:

سيوهڻ جي تاريخي قديمي قلعي جي چوٽيءَ تي سيد نور شاھ بخاري جي مزار آهي. ان مٿان به مقبرو ٺهيل آهي. مقبري جي پاسي ۾ 3 ٻيون به مزارون آهن. بورڊ تي لکيو ويو آهي (سيد نور شاھ قلندر لعل شهباز جو قاصد.) قلندر لعل شهباز جا گهڻا قاصد هئا؟ نور شاھ کي قلعي مٿي ڪيئن دفن ڪيو ويو، ڇا نور شاھ جي رهائش قلعي جي مٿان هئي؟ نور شاھ جي باري ۾ ڪابه معلومات نه ٿي ملي. قلندر لعل جو ڪوبه قاصد ڪونه هئو. 

فقير بچل چانڊيو:

بچل چانڊيو کي بچل شاھ سڏيو وڃي ٿو. هن جي مزار سيوهڻ جي قديمي بندر محلي ۾ واٽر سپلاءِ جي تلائن جي اولهه ۾ آهي. پاڙي جي رهواسي، شير رند سان ملاقات ٿي. هو ان وقت مڪان ۾ موجود هو. مون سوال ڪيو ته سائين بچل شاھ جي وفات ڪڏهن ٿي. چيائين ته آنءَ سترهن ارڙهن سالن جو هئس، ته هن بزرگ جي وفات ٿي هئي ته هن وقت منهنجي عمر 50 سال آهي. معلوم ٿيو ته هن بزرگ جي وفات 1987 ڌاري ٿي آهي. سندس والد جو نالو به ڪونه ٻڌايو ويو. هڪ ٻي فقير ڏاڏي چانڊيي ٻڌايو ته بچل ماني گهٽ کائيندو هو. چرس ۽ چانهه تمام گهڻي پئيندو هو. شير رند وچ ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته مونکي پنهنجي والد ٻڌايو هو ته سائين سيد ڪونه هو. چانڊيو ذات جو هئو مون اکين سان ڏٺو هو. هن وقت مزار جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. مٿان مقبرو ٺهيل ناهي. فقير بچل سيوهڻ جو رهواسي نه هئو. خبر ناهي ته ڪهڙِي شهر کان آيو هئو. 5 ذوالحج تي ميلو لڳندو اٿس. 

سيدجمال شاھ:

سيد جمال شاھ جي مزار سيوهڻ جي قديمي ”چوٿنڀي“ جي اوڀر ۾ هڪ جبل جي ٽڪري تي آهي. پٿرن سان ديوار ٺهيل آهي ڇت ۾ لوهي پرڇ پيل آهي. جمال شاھ جي مزار جي اوڀر ۾ هڪ ٻي ٽڪري آهي. جنهن تي نماز پڙهي ٿي وڃي اتي ڪا مزار نه آهي. چيو وڃي ٿو ته قلندر لعل شهباز ان ٽڪري تي نماز پڙهندو هئو. جمال شاھ بابت ڪا معلوم وڌيڪ نه ٿي ملي ته هي بزرگ ڪهڙي دور جو آهي. ان بزرگ جي ٽڪريءَ تي مزار ڇو ٺاهي وئي، جبل جي ٽڪري تي جڏهن چڙهجي ٿو ته سيوهڻ جو شهر چڱي طرح نظر اچي ٿو. منڇر به نظر اچي ٿو، درياءَ به نظر اچي ٿو، ڀڳوٽوڙهو جبل به نظر اچي، خوبصورت منظر آهن. 

سيد قربان علي شاھ:

سيد قربان علي شاھ عرف طمان شاھ. سيد قربان شاھ جي مزار سيوهڻ جي عيد گاھ جي ڀرسان ڏکڻ ۾ موجود آهي. ان جي پيراندي کان هڪ ٻي مزار به موجود آهي. قربان علي شاھ جي فقيرن کان پڇا ڪيم ته سائين قربان علي شاھ ”طمان شاھ“ ڇو ٿو چيو وڃي. جواب ڏنائون ته سائين بابا هر دل جي تمنا پوري ڪري ٿو. ان ڪري هن بزرگ کي طمان شاھ سڏيو وڃي ٿو. مون ٻيو سوال ڪيو سائين جي وفات ڪڏهن ٿي آ. ته ڪو جواب نه مليو. خبر نه پئجي سگهي آهي ته بزرگ ڪنهنجو فرزند هو. ڪڏهن وفات ڪيائين وغيره. اڏاوت ٻيهر تازي ٿي آهي. هن جي مٿان مقبرو ناهي. ڪمري نِما درگاھ آهي. 

سيد عابد علي شاھ:

هي مزار ڪاليج روڊ تي کوسه محلا ۾ واقع آهي. جنهن تي ٻاهران سيد عابد علي شاھ بخاري لکيل آهي. هن مزار جي پاسي ۾ دڪان آهن مين روڊ سيوهڻ بوائز ڪاليج ڏي ويندڙ روڊ آهي. 

سيد نورمحمد شاھ بخاري:

هي مزار سيوهڻ مختيار ڪار آفيس جي ڏکڻ اوڀر ۾ بندر محلي ڏي ويندڙ رستي تي مسجد جي اولهه ۾ آهي. چوڌاري ڪوٽ ڏنل اٿس، وڌيڪ ڪم هلندڙ اٿس. 

سيد يعقوب علي شاھ لڪياري:

سيد يعقوب علي شاھ لڪياري ولد سيد گنبل (مير محمد شاھ لڪياري) ٽلٽيءَ وارو (گنبل شاھ لڪياري جو احوال ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ ڏنل آهي) هيءَ مزار شيخ محلا سيوهڻ موجوده ايريگيشن بنگلو جي ڏکڻ ۾ آهي. نواب ابڙي تي الزام هئو ته هن سيد يعقوب علي شاھ کي قتل ڪيو هو. سيد يعقوب علي شاھ جي وفات 1975ع ۾ ٿي. سندن فرزند ڀر ۾ سيد اسماعيل علي شاھ مدفون ٿيل آهي.

ٻڍل شاھ:

هن بزرگ جي مزار درگاھ نادر شاھ جي اولهه ۾ سبز واري محلي ۾ آهي. هن سان گڏ ٻيون به مزارون آهن.

شيخ عالي:

شيخ عالي جي مزار کوسه محلا ۾ جمن پنهور جي گهر اندر چئي وڃي ٿي. ڪا پختي راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي. شيخ عالي لاءِ روايت آهي ته قلندر لعل شهباز کي غسل ڏيندڙ شخص شيخ عالي ئي آهي. سيوهڻ جي قريشي خاندان وارن جو چوڻ آهي ته شيخ عالي اسان جي خاندان جو هئو.

ڇتن شاھ:

ڇتن شاھ سيوهڻ جي تاريخي قلعي جي دروازي تي مزار آهي. جنهن جي مٿان ڪمرو نما ڪوٺي ٺهيل آهي. هي انگريزن جي دور جو بزرگ ٿي سگهي ٿو. ان جي ڀر ۾ ٻيون چار پنج مزارون آهن. جيڪي بودلي جي فقيرن جون آهن. هي مزارون 1970ع کان پوءِ جون آهن. جڏهن به بودلي جو ڪو فقير گذاري ويندو آهي ته ان کي ان جاءِ تي (قلعي جي ڀر ۾) مدفون ڪيو ويندو آهي. 

مائي ڀنڀي:

مائي ڀنڀي جي مزار بندر محلا ۾ آهي. ڪا فقيرياڻي ڪانه هئي عام گهرو عورت هئي. 1994ع ڌاري وفات ڪيائين. ذات جي ملاح هئي، هن مقالي لکندڙ اکين سان ڏٺي هئي ڪنهن سبب جي ڪري قبرستان کيس جي بدران گهٽي ۾ رکيو ويو. 

ان کان سواءِ سيوهڻ شهر ۾ ڪيتريون ئي مزارون آهن، جيڪي گهٽين، رستن، چوڪن، پاڙن ۾ موجود آهن، پر سندن جو ڪو احوال نه ٿو ملي، نه ڪنهن ڪتاب ۾ تذڪرو ملي ٿو نه ئي، پاڙي جي رهاڪن کي ڪا خبر آهي.


سيوهڻ جي ڀرپاسي جي بزرگن جو مختصر احوال

سيد عالم شاھ شيرازي:

سيد عالم شاھ شيرازي ولد سيد محمد بچل شاھ جو جنم ڳوٺ ڪرمپور ۾ ٿيو. 1904ع ۾ ڄائو، ۽ 1975ع ۾ وفات ڪيائون، سندس مزار ڳوٺ ڪرمپور ۾ آهي. مزار جي مٿان ڪوٺي نما ڪمرو آهي. وڌيڪ احوال هن بزرگ جو اڳيان سيد خان شاھ شيرزاي جي احوال ۾ موجود آهي. 

سيد نظر علي شاھ جيلاني:

سيد نظر علي شاھ جيلاني جو مقبرو سيوهڻ جي ڳوٺ بچل چنه جي اتر ۾ آهي. 1926ع ۾ نظام الدين بستي انڊيا ۾ ٿيو. 1989ع ۾ وفات ڪيائين. سيد نظر علي شاھ جيلاني جو وڌيڪ احوال منهنجي ڪتاب سيوهڻ جون ادبي شخصيتون ۾ موجود آهي. 

حسين شاھ بخاري:

هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ پڪا چنه ۾ انڊس هاءِ وي روڊ جي ڀرسان آهي.جنهن تي  14 ربيع الاول تي هڪ ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي. 

ميان موٽڻ:

ميان موٽڻ جو مزار ڳوٺ بختيار پور ۾ اوڀر اتر پاسي ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هي بزرگ قلندر لعل شهباز کان اڳ جو آهي. ان لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي. هن بزرگ جو سال ۾ هڪ دفعو 5 ربيع الاول جي تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. 

سيدگنبل شاھ لڪياري، معروف سيد ميرمحمدشاھ:

جنم 1897ع ۾ ڳوٺ علي آباد لڳ ٽلٽي ۾ ٿيو. هن وقت هن بزرگ جي مٿان مقبرو ٺهيو آهي. وڌيڪ سيد گنبل شاھ جو احوال منهنجي ڪتاب ”سيوهڻ جون ادبي شخصيتون“ ۾ موجود آهي. 

محبت شاھ:

سيوهڻ شهر جي ٻاهران اڙل جي ڀرسان محبت شاھ جو مقبرو آهي. 

ابراهيم شاھ :

هاءِ وي روڊ تي سبيل اسٽاپ (جيڪو بوبڪ ڏي رستو وڃي ٿو) جي اوڀر ۾ ابراهيم شاھ جو مقبرو آهي.

سيد سليمان شاھ:

سيد سليمان شاھ جو مقبرو ڀان سعيد آباد ۾ آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. 

بخاري سائين:

بخاري سائين جو مقبرو ڳوٺ لعل بخش جتوئي ۾ موجود آهي. 

سخي دلير جو مقبرو:

سخي دلير جو مقبرو جهانگارا شهر جي اولھه ۾ آهي. هي بلوچستان جو رهاڪو هو. ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ ۾ آيو، سندس مٿان مقبرو به ڪلهوڙو دور جو ٺهيل آهي. 

درگاھ پير آري:

جهانگارا شهر جي ڏکڻ ۾ ڪجهه ڪلوميٽرن پري هي درگاھ آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هي بزرگ به قلندر جي دور جو آهي. ليڪن اهڙو ڪو ٺوس ثبوت نه مليو آهي. هن درگاھ تي غير مسلم گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا. هر مهيني جي 14 تاريخ به ملهائي وڃي ٿي. سال ۾ هڪ دفعو ميلو به لڳي ٿو. نالي يا ذات، به خبر نه پئجي سگهي آهي. ته هي اصل ڪير هو؟

سيدنجف شاھ لڪياري:

سيد نجف شاھ لڪياري ولد سيد سومر شاھ 1926ع ۾ ڳوٺ باجارا ۾ ڄائو. سيد نجف شاھ لڪياري صوفي صفت، ڪامل ولي، الله لوڪ انسان، بزرگ ۽ بهترين شاعر هو. 1976ع ۾ وفات ڪيائين. وڌيڪ احوال ۽ شاعري منهنجي ڪتاب سيوهڻ جون ادبي شخصيتون ۾ موجود آهي. سندس مزار باجارا شهر جي اوڀر ۾ آهي. مٿان مقبرو ٺهيل آهي. 

سيد شهاب الدين شاھ بخاري:

سيد شهاب الدين شاھ بخاري سنڌ جي نامياري بزرگ مخدوم بلاول سمون جو مرشد هو. سندس مقبرو شهر ٽلٽي جي ٻاهران ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. 

ببر شير:

ببر شير جي مزار باجارا جي شهر کان 1 ڪلوميٽر اتر طرف آهي.

درگاھ ويهڙ شريف:

درگاھ ويهڙ شهر ۾ سائين روضي ڌڻي ۽ سندس پٽ سائين مصلي ڌڻي جو مزارون جي مٿان مقبرو ٺهيل آهي. هي بزرگ مخدوم ملڪاڻين جا مريد آهن. غلام محمد ملڪاڻي جنم 1860ع وفات 1935ع ۾ ٿي. 

درگاھ ويهڙ شريف جا بزرگ هن وقت به مدرسو هلائين ٿا. ڪيئي طالب ۽ شاگرد اٿن. استاد العلماءُ خليل جان اشرفي هن مقالي لکندڙ سان گڏ حج جي سعادت 2005ع ۾ ماڻي آهي. سائين خليل احمد جان اشرفي مصلي ڌڻي جو فرزند آهي. 

عبدالرحمان ملاح:

بوبڪ شهر کان ٻاهر ڏکڻ ۾ حاجي عبدالرحمان ملاح جو مقبرو آهي. حاجي عبدالرحمان جي وفات 1943ع ڌاري ٿي ان ئي سال مقبرو ٺهرايو ويو. حاجي عبدالرحمان جي پٽ ادو احمد جي وفات 1980ع ڌاري ٿي محمد صالح ولد محمد موسيٰ جو فرزند وفات 1983ع ڌاري ٿي. سندس ڀاءُ محمد موسيٰ وفات 1973ع ڌاري ٿي . مقبرو هاڻ ٻيو دفعو ٺهيو اٿس. حاجي عبدالرحمان ملاح ۽ محمد موسيٰ ملاح پاڻ ۾ ڀائر هئا.


مخدوم جعفر بوبڪاڻي:

مخدوم جعفر بوبڪاڻي سنڌ جو وڏو بزرگ آهي. مخدوم نوح جو همعصر آهي.ولادت 930ھ وفات 1002ھ آهي. مخدوم جعفر جا ڪافي ڪتاب لکيل آهن. مزار بوبڪ پير ’مبو‘ جي قبرستان ۾ آهي. وڌيڪ احوال منهنجي ڪتاب سيوهڻ جون ادبي شخصيتون ۾ موجود آهي. 

سيد صدرالدين شاهه لڪياري:

سيد صدر الدين شاھ لڪياري جو مقبرو سيوهڻ کان 17-18 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ حيدرآباد ويندڙ روڊ تي آهي. سندس نالي ڳوٺ لڪي شاھ صدر مشهور آهي، مقبرو 2007 ڌاري نئون ٺهيو آهي. جيڪو تمام بلند ۽ خوبصورت آهي. 

خواجه معين الدين چشتي اجيمري جي ملفوظات (جيڪا سندس مريد خواجه  بختيار ڪاڪي 614ھ 1217ع ۾ مرتب ڪئي هئي) دليل العارفين ۾ شاھ صدر لڪياري جو احوال ملي ٿو. سنڌ جي تاريخي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ به احوال ملي ٿو. 

سيد بچل شاھ:

سيدبچل شاھ جي مزار ڳوٺ آراضي ۾ آهي. هتي هر سال ميلو لڳندو آهي. سندس مٿان مقبرو ٺهيل آهي. 

سيدقاسم علي شاھ:

سيد قاسم علي شاھ جي مزار ڳوٺ آراضي ۾ آهي. سيد نجف علي شاھ لڪياري باجارن وارو سندن دوست هيو اڪثر ڪچهريون ڪندا هئا. سندن مٿان مقبرو ٺهيل آهي.  وفات 2000ع ڌاري ٿي آهي.

ويجهڙائي ۾ سيوهڻ شهر ۾ کوڙ نوان بزرگن جا مقبرا ٺاهيا ويا آهن. انهن بزرگن جي وفات به ويجهڙائي ۾ ٿي آهي. جن ۾ سيد ڪرم شاھ ابدال، فقير نيشان علي، بابا احمد علي قريشي، فقير رسول بخش ملاح، سيد خان شاھ شيرازي، سيد نبن شاھ بخاري، فقير لعل داس، زنجيرن وارو پير، فقير رمضان باريچو وغيره شامل آهن. سيوهڻ شريف بزرگن جو آڳاٽو ذخيرو تذڪره مشائخ سيوستان ئي آهي. ان کان پوءِ ڪيئي ڪتاب آيا آهن. ليڪن ڪتابن ۾ ساڳيو ورجاءَ آهي. سائنسي تحقيق مطابق تمام گهٽ لکيو ويو آهي. يا ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي آهي. 

مون سيوهڻ جي گهٽي گهٽي گهمي آهي ته هڪ هڪ درگاھ تي پنج ست چڪر به ويو آهيان. سيوهڻ شهر جي عمر رسيده ماڻهن سان ملاقاتون به ڪيون آهن. وڏي کان وڏو جيڪو مون وٽ ريفرنس آهي. اُهي ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ بابت به آهن، ته بزرگن ۽ اوليائن بابت به آهن. 

هن ڪتاب لکڻ ۾ ڪافي ڏکايون به مليون آهن. پر مونکي سيوهڻ جي بزرگن تي لکڻو هيو سو مون ڪوشش ڪئي آهي. ته هر بزرگ جو احوال ٿورو گهڻو ضرور ڏيان. سيوهڻ شريف ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کان جڏهن به ڪنهن ٿوري آڳاٽي بزرگ بابت پڇيو ويندو ته بنا هٻڪ جي ٻڌائيندا ته اُهو بزرگ قلندر لعل شهباز سان گڏ آيو هئو؟ پوءِ ڀلي ان کي وفات ڪئي 50 سال مس ٿيا هوندا! وري درگاهن تي ويٺل مجاور ته هڪڙا گهٽ پڙهيل ٻيو وري اهڙيون اوهان کي عجيب ڳالهيون ٻڌائيندا جو اوهان خد حيران ٿي ويندا. 

سيوهڻ جي بزرگ جمن جتي جو احوال ڪتابن ۾ تمام گهٽ ملي ٿو، تحفته الطاهرين جي مؤلف شيخ اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي لکيو آهي ته: 

”شيخ جمن جتي شاھ درويش جي خدمت مان فيض پرايو، صاحب حال ۽ وڏي ڪمال جو صاحب هو، سڄي زندگي اڪيلو ۽ ڇڙو رهيو.“ تحفته الطاهرين جي مترجم جو خيال آهي ته اهو احوال جمن جتي سيوهڻ واري جو ٿي سگهي ٿو. ليڪن ان تي به ڪو ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي.

ڪيترن ئي ماڻهن کي بزرگن جي احوال جي خبر ئي نه آهي. هو عقيدي مطابق درگاهن تي اچن ٿا. ليڪن اچڻ واري کي ايتري ڄاڻ هئڻ گهرجي، هيءُ بزرگ ڪير آهي. ڪهڙي دور جو آهي. هن ديني ڪم ڪهڙا ڪيا، انساني ڀلائي لاءِ ڇا ڪيو. يا پاڻ بزرگ چڱائي جي راھ تي هيو، حياتي ۾ ڪهڙا نيڪي جا ڪم ڪيائين سندن تعليم ڪيتري هئي.

درگاهن تي ويٺل مجاورن کي کپن پيسا اهي، ابتيون سبتيون ڳالهيون زيارتن کي ٻڌائيندا آهن. بزرگن جو احوال پرکڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ ضروري آهي. بزرگ هڪ وڏي هستي آهن. جن کي دنيا ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. 

هن ڪتاب ۾ سيوهڻ شهر جي انهن بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جن اوليائن، بزرگن جون مزارون يا مقبرا سيوهڻ شهر ۾ موجود آهن، سيوهڻ جي ڀرپاسي ۾ مقبرا ۽ مزارون آهن، انهن جو هن مقدمي ۾ مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب سيوهڻ شهر City جي بزرگن تي لکيل آهي. سيوهڻ جي ٻين بزرگن جو احوال به ڪتابن ۾ ملي ٿو. قاضي ڏتو، محمد عارف سيوستاني، ميان مير محمد صالح صوفي سيوستاني، مولوي عبدالقادرسيوستاني، سيد مرتضيٰ سيوستاني، محمد وفا سيوستاني، وهب الله صديقي، محمد انس سيوستاني، مخدوم عبدالحليم سيوستاني، شير محمد مريد سيوستاني، شيخ محمد محفوظ سيوستاني، مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري، قاضي نصرالله سيوستاني، مولانا ضيائي شاعر سيوستاني ۽ ٻيا ڪيئي آهن، ليڪن انهن جي مزارن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. وقت جي لهرن ۾ ميسارجي ويون آهن. هن ڪتاب ۾ صرف موجود مزارن (مقبرن) تي لکيو ويو آهي. 

مون تاريخي ڪتابن جا ڪيئي ورق اٿلايا پٿلايا آهن. سيوهڻ تمام قديم شهر آهي، هي شهر ڪڏهن آباد ته ڪڏهن برباد، وقت جي حڪمرانن طرفان ٿيندو رهيو آهي. سيوهڻ جي بزرگن تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. حقيقي احوال تمام گهٽ ملي ٿو، جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، اُهي اڪثر عقيدي جي بنياد تي لکيا ويا آهن. رڳو ڪرامتون يا روايتي قصا بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي حقيقت جي ابتڙ آهن. ذهن تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. 

ڪجهه ٻين ڪتابن ۾ به سيوهڻ جي بزرگن جو ذڪر ملي ٿو. 

برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري لکيو. هن ڪتاب ۾ به سيوهڻ ۽ ڀرپاسي جي بزرگن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مولانا محب سنڌي، حڪيم عثمان بوبڪائي، مولانا شيخ موسيٰ بوبڪائي ۽ ٻين بزرگن جو احوال ملي ٿو. 

گلزار ابرار: هي ڪتاب محمد غوثي شطاري لکيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم جعفر، قاضي قاضن، مخدوم رڪن الدين، قاضي ڏتو سيوهاڻي، مخدوم بلاول ۽ ٻين بزرگن جو ذڪر آهي. 

تذڪره اولياءَ پاڪ و هند ڊاڪٽر ظهور الحسين شارب 1965 ۾ لکيو آهي، سيوهڻ جي بزرگ ميان مير جو ذڪر آهي، جو لاهور ۾ مدفن آهي. ان ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جو به ذڪر ڪونهي. 


تذڪره اولياءَ:

شيخ فريد الدين عطار جو لکيل جو بزرگن جي حوالي سان هي ڪتاب گهڻو مشهور آهي. ليڪن سيوهڻ جي ڪنهن به بزرگ جو هن ڪتاب ۾ احوال ناهي. ڪتاب ۾ ڪي غلطيون ٿيون هجن ته ڄاڻ ڏيندا، آءُ اوهان پيارن پڙهندڙن جو بيحد ٿورائتو آهيان. جو اوهان منهنجا ڪتاب چاھ سان پڙهو ٿا.  آخر ۾ آءٌ پنهنجي محبوب دوست انور ساگر ڪانڌڙي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن ڪتاب کي اوهان تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪئي.

اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ

)شاھ)


مير حاجن مير

سيوهڻ شريف

15 فيبروري 2019ع