شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.

Title Cover of book سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

قلندر لعل شهباز رح

قلندر لعل شهباز رح

حضرت مخدوم عثمان قلندر رحه علم عرفان جا آفتاب عالمتاب به آهن. جن ڇهين ۽ ستين صديءَ هجريءَ ۾ نه رڳو پنهنجي اباڻي وطن ۽ ان جي آس پاس کي فيضياب قلندري مشرب کان متعارف ۽ روشناس ڪيو. پر ننڍي کنڊ جي هڪ پاسي خطي سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن پرڳڻن کي پڻ علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو. قلندري مشرب، ڦرهيءَ جو علم ۽ عرفان سان اڇو ۽ اجرو هجڻ، دل وارن ۽ اوليائن سان ساٿ ۽ سنگت هجڻ تمام ضروري آهي. (1)
شاھ عثمان قلندرمروندي حسيني، شهباز لقب، اشرف ذات ۽ پاڪ نسبت آهي، لاهوت جو رهاڪو شهباز، ملڪوتي ملڪ جي تخت جو بادشاھ آهي. اهل دل ۽ حق جي معرفت جو ڄاڻو، وجد جو صاحب، دنيا کان صفا تارڪ آهي. عرفان جو بحر، دانائيءَ جو خزانو، يقين جو چنڊ ۽ ديد جو چراغ آهي. محبت ۽ شوق جي شراب خاني جو سرمست آهي. عالمِ ذوق جي گلستان جي بلبل آهي. حال جو صاحب، ڪامل ابدال ۽ وصال جي حرم جو رازدان آهي. (2)

قلندر لعل شهباز عثمان مروندي جو شجرو
قلندر لعل شهباز جو 538ھ مروند ۾ جنم ٿيو. سيد عثمان مروندي (1)ڪبير الدين لقب سيد ابراهيم، (2) ولد شمس الدين (3) ولد سيد نور شاھ (4) ولد سيد محمود شاھ (5) ولد سيد مهدي شاھ (6) سيد منتخب شاھ (7) ولد سيد غالب شاھ (8) و لد سيد منصور شاھ (9) ولد سيد اسماعيل شاھ (10) ولد سيد امام جعفر رضه
لقب
عام طرح کين قلندر لعل شهباز سڏيو ويندو آهي، سندن اصل نالو سيد عثمان آهي، ٻيا سمورا نالا سندن لقب آهن. جي هن طرح بيان ڪيا ويا آهن.
(1) لعل (2) شهباز (3) قلندر (4) سيف السان (5) شمس الدين (6) مهدي (7) مخدوم.
جيئن ته پاڻ ڳاڙها ڪپڙا اوڙهيندا هئا. تنهن ڪري کين لعل سڏيندا هئا. سندن دوست حضرت جلال بخاري کي وري ڳاڙهن ڪپڙن پائڻ ڪري ”سرخ“ لقب سان سڏيو ويندو هو. جئين ته پنهنجي مرشد وٽ ٻين سڀني مريدن کان مٿي ۽ ولايت ۾ فائق هئا. تنهن ڪري کين مرشد کان ”شهباز“ جو لقب مليو. (4)

قلندرن جي دنيا
هر قلندر ۾ جا خاص خوبي هوندي آهي، سا هيءَ هوندي آهي، ته هو ڪنهن جي گهر ۾ وڃي کاڌو نه کائيندو آهي. خواھ هو سفر ۾ هجي يا حضر ۾.پر جيڪڏهن ڪو سندس رهائش واري هنڌ تي ڪو کاڌو يا ڪا ٻي شئي خلوص سان پيش ڪندو آهي ته اها قبول ڪندو آهي. بشرطيڪ صدقو، نياز، زڪوات يا خيرات مان نه هجي، بلڪه خاص نذراني پيش ڪرڻ جي نيت سان آندو هجيس. کاڌو اڪثر سادو کائيندو آهن. ”جوَن جي ڪش“ کچڻي، ماکي، ڌونئرو،کٽاڻ، سائي ڀاڄي ۽ دال کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن.
قلندرن جي مجلس ۾ دنيا جون فضول ڳالهيون قطعي نه ٿينديون آهن. هو نهايت پاڪ باز، خوددار ۽ غيور هوندا آهن. شرڪ، فسق، بدعت، نفاق ۽ اختلاف کان بلڪل پري ڀڄندا آهن. سياسي خواھ، غير سياسي، تحريڪن، منافقانا، سرگرمين ۽ فرقه بندين جي الجهنن سان هنن جو ڪو واسطو ڪونه رهندو آهي. نفاق ۽ اختلاف کان بلڪ پاڪ هوندا آهن. تعويذن ۽ اهڙين ٻين ٽڪساٽن کان پري هوندا آهن. (5)
قلندر ڪنهن مذهبي متڀيد، بحث مباحثو، ڇڪتاڻ، دل آزاري، نه ڪندا آهن. پنهنجي مستي ۾ مست رهندا آهن. ڪنهن جي هيٺائين نه ڪندا آهن. مفاد، لالچ، منافقت کان پري رهندا آهن. سادا هوندا آهن. مٿين سڀني بيان ڪيل ڳالهين کان قلندر لعل شهباز مٿانهون هو. قلندر هو، مست هو، بهادر هو، غيور هو، سچو هو، قلندرانا زندگي ۾ رهندو هو. صابر هو، شاڪر هو.
قلندر وڏا صابر، شاڪر ۽ باهمت هوندا آهن. هو ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو دست سوال دراز نه ڪندا آهن. هر حال ۾ خوش نظر ايندا آهن. هنن جي زندگي نهايت ئي خاموش ۽ پر سڪون هوندي آهي. هنن جي صحت سان انسان جي قلب کي راحت نصيب ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته هي وڏا صادق ۽ عابد هوندا آهن. قلندر اڪثر ڪري جسم جي هيٺين حصي، ڍڪڻ لاءِ ڊگهو ۽ ويڪرو پهراڻ پائيندا آهن ۽ مٿي تي فقيراڻي ٽوپي پائيندا آهن. پاڻ کي سينگارڻ ۽ پنهنجي نمائش کان سخت نفرت ڪندا آهن. (6)
قلندر لعل شهباز ٺڳين ٺوڳين،ڪوڙ، دشمني کان پري رهندو هو. قلندر قلب صاف رکندو هو. قلندر لعل شهباز سان لاڳاپيل ڳالهيون جن ۾ سيوهڻ جو قلعو ”اونڌو ڪرڻ“ ماڻهو مارڻ واريون ڳالهيون غلط آهن. اهي روايتي قصا آهن،جيڪي قلندر لعل شهباز سان لڳايا ويا آهن.
سيوهڻ جو قلعو اونڌو ٿيو ئي ڪونهي. جايون هيٺ ويهي ويون آهن. انهن جو سبب قلعي جي ڀرسان درياءَ وهندو هيو درياءُ جڏهن چڙهندو آهي ته قلعو تباھ ٿيندو رهيو آهي. قدرتي زلزلي سبب به قلعو تباھ ٿيو هوندو. زلزلو درياءَ جا رخ مٽائي ٿو ڇڏي. ڪيئي جبل ڏاري ٿو وجهي ته ڪٿي جبل ظاهر به ٿيا آهن. زلزلي ۾ زمين ۾ کڏا پئجي وڃن ٿا. قلندر جيڪي ڪنهن جي دل آزاري به نه ڪندا آهن، اهي ماڻهو ڇو ماريندا؟ اهڙيون ڪيئي ڳالهيون اڪثر بزرگن سان لڳايون ويون آهن، جيڪي حقيقت جي ابتڙ آهن. قلندرن جي زندگي ڪنهن انسان کي تڪليف نه پهچائيندي آهي. نه مذهبي جنونيت ۾ رهندا آهن. هو سرمستي ۾ گم رهندا آهن. قلندر لعل سيوهاڻي ته قلندرن جو اڳواڻ آهي. هو ڪڏهن به غلط ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته قلندر وسيع نظري رکندا آهن.
جديد سنڌي شاعري جو تمام وڏو عظيم شاعر شيخ اياز لکي ٿو ته:
زي عشق دوست هرساعت درون نارمي رقصمه
گهي برخاڪ رقصم گهر بردار مي رقصم
بار بار اهي لفظ ”درون نار مي رقصم“ (مان باھ جي وچ ۾ نچان پيو) منهنجي ذهن ۾ اڀري اچن ٿا مون سوچيو ته هر اهل دل زندگي جي ڪيفيت سان دوچار ٿيو آهي. هر اهل صفا کي انهي باھ مان اجرو ٿي نڪرڻو آهي، اها باھ جا انساني، زندگي کي گهيري ۾ رکندي آئي آهي اها باھ آهي. جا حرص جي باھ آهي، ڪيني جي باھ آهي، جا دنيا جي مادي خواهشات سان حد کان زياده لڳاءُ جي باھ آهي. جا خد غرضيءَ ۽ خد پرستي جي باھ آهي. انهيءَ باھ ۾ هر صوفي منش انسان کي سڄي زندگي رقص ڪرڻو آهي ۽ فقط انهي کي ئي اها باھ جلائي ڀسم ڪري نه ٿي سگهي، باقي ٻيا انسان جيڪي پنهنجي خودي جي زنجير ۾ پابند آهن، جيڪي رقص ڪري نه ٿا سگهن، جيڪي جڪڙيل آهن، انهن سڀني کي جلائي ’رک‘ جو ڍير ڪري ڇڏي ٿي. اهائي عظمت آهي تصوف جي انهيءَ رقص اسلامي دنيا جي هر شهر هر ڳوٺ ۾ انسان جي دل تي ”مهرو وفا“ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي. اُهي انسان ڪنهن خاص خطي، ڪنهن ديس، ڪنهن خاص شهر مان مخصوص نه آهن. انهن جي زندگي روايت، قوميت، رنگ مذهب جي فرق کان سواءِ هو پنهنجي خوشبوءِ پوري انسان ذات تائين پهچائين ٿا. (7)

قلندر لعل شهباز جي ڪتابن جي باري ۾
حضرت مخدوم حافظ عثمان شهباز قلندر مروندي سيوهاڻي بلند پايي جو هڪ فارسي شاعر، جيد عالم ۽ صوفي بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ توحيد، رسالت، وحدت الوجود، صوفياڻو رنگ ۽ انسان ذات جي هدايت لاءِ ذڪر فڪر جي لاءِ روشن راهون نظر اچن ٿيون. قلندر جو ڪلام عارفاڻو ۽ عشقيه آهي. هڪ بحر بيڪران،عميق ۽ گهرائي وارو آهي. (8)
ڊڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي شاهڪار انگريزي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhitt ۾ مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن واري زماني ۾ سنڌي تعليمي نظام جو ذڪر ڪندي قلندر لعل شهباز جي لکيل ڪتابن جا نالا کنيا آهن ۽ لکيو آهي ته (ايڇ ٽي سورلي جو ڪتاب 1938ع ۾ ڇپيو).
In the primary course the student had already learnt the simple form of the Arabic conjugations. The works studied were the mizan-i-sarf by lal shahbaz. The famous scholar and saint of Sehwan. Then Followed study of the (Ajans) or munshaib rules for the formation of the increased derivatives, and the kisim-i-doyyum for the irregular verbs. Both these works were by lal shahbaz but were written in Persian. The next book to be read was akd. Also by Lal Shahbaz, In Arabic and Persian mixed, dealing with the permutation of letters. (9)
ايڇ ٽي سورلي مٿي ٻن ڪتابن جا حوال ڏنا آهن. قلندر لعل شهباز جي ڪتابن جا وڌيڪ ٻه نالا (1) ’عقد‘۽ ’صرف صغير‘ ملن ٿا.
حقيقت ۾ قلندر لعل شهباز هڪ عظيم اديب عالم ۽ ليکڪ پڻ هو. جيئن ته سندس لکيل ڪيترائي ڪتاب ان وقت ۾ مدرسن ۽ مڪتبن ۾ پڙهايا ويندا هئا. جيڪو شاعر ليکڪ آهي اهو شاعر به ٿي سگهي ٿو. قلندر لعل شهباز ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هو فارسي ٻولي ۾ شاعري پڻ ڪندو هو ۽ سندس شعر تمام گهڻا مقبول آهن. ڇاڪاڻ ته سندس شعر گهڻن ماڻهن کي برزبان ياد آهن ۽ اڄ تائين ماڻهو قلندر جي شاعري دل سان ياد ڪن ٿا، ۽ ٻڌن ٿا. (10)
شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ تي الوحيد اخبار جي نڪتل خاص نمبر ۾ ميرن جي ڏينهن ۾ ”مسلماني تعليم“ عنوان هيٺ پنهنجي عالمانه مضمون ۾ لکيو آهي ته :
” شاگرد اڃان مڪتب ۾ ئي هوندو هو، ته کيس صرف جا ابتدائي قائدا پڙهائبا هئا. پهريون پهريون ڪتاب جو پڙهائبو هو، سو هو ”ميزان صرف“ اهو مشهور ولي الله ۽ عالم شخص قلندر لعل شهباز جو ٺهيل آهي. اهو ۽ ٻيا ڪتاب جهڙوڪ ”اجناس“ يا ”منشعب“ گهڻو ڪري ياد ڪيا ويندا هئا. ٻئي ڪتاب مٿين ڀلاري نالي واري بزرگ جا لکيل آهن. ٽيون ڪتاب عقد جي نالي سان به پڙهايو ويندو آهي. سو به مخدوم لعل شهباز جو لکيل آهي. (11)
قلندر لعل شهباز اڄ کان ڪيئي صديون اڳ سنڌ آيو. وچ جيڪو زمانو گذريو، تنهن ۾ سونهاري سنڌ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا الئي ته ڪيترا گوهر پيدا ڪيا. پر، سندن ڪتابن هوندي به سنڌ جي درسگاهن ۾ جو گرامر جي موضوع تي قلندر لعل شهباز جا لکيل نصابي ڪتاب ئي رائج رهيا. ته ان جو ته اهو ئي مطلب ٿيو، ته هو ايڏو ته وڏو عالم هو. جو سندس علم صدين تي حاوي هو. مير تقي مير جي لفظن ۾ هيئن چئجي ته:
مستند ہے میرا فرمایا ہوا (12)
قلندر لعل شهباز 650ھ ۾ وفات ڪئي. ڪي چون ٿا 673ھ ۾ وفات ڪئي. قلندر لعل شهباز حضرت عثمان مروندي جو هر سال 18-19-20 شعبان تي ميلو لڳندو آهي.

مددي ڪتاب ۽ حوالا
(1) قاسمي علامه غلام مصطفيٰ، قلندري مشرب، ثقافت کاتو سنڌ 2013ع صفحو (25)
(2) نصرپوري ٺٽوي عبدالقادر، حديقته اولياءَ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع صفحو 97
(3) مير حاجن مير، سيوهڻ جون ادبي شخصيتون، سچائي اشاعت گهر حيدرآباد 2014ع صفحو 31
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، تذڪره شهباز، ثقافت کاتو سنڌ 2012ع صفحو 24-25
(5) سيوهاڻي سولنگي محمد پريل ماستر، ”گلزار قلندر“ قلندر شهباز اڪيڊمي 1972ع صفحو 5
(6) سيوهاڻي سولنگي محمد پريل ماستر، گلزار قلندر، حوالو اڳ آيل آهي صفحو 5
(7) دم مست قلندر مئگزين سيوهڻ شريف 2015ع صفحو 6
(8) سوانح حيات حضرت لعل شهباز قلندر معه شاعري سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو 2018 صفحو 73
(9) سنڌ جا بر،بحر ۽ پهاڙ، غلام رباني آگرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع صفحو 359.
(10) عنايت الله ڀٽو سيوهاڻي، ”شان قلندر“، الشهباز فوٽو اسٽيٽ سيوهڻ 2013ع صفحو 100.
(11) سنڌ جا بر، بحر ۽ پهاڙ، غلام رباني آگرو، حوالو اڳ آيل آهي صفحو 360.
(12) سنڌ جا بر بحر پهاڙ، غلام رباني آگرو، حوال اڳ آيل آهي. صفحو 360.