شيخ مڱڻ
هن بزرگ کي شيخ ”مکڻ“ ۽ شيخ ”مڱڻ“ به سڏيو ويندو آهي. هي بزرگ قلندر لعل شهباز جي موجوده درگاھ جي ڌمال واري جاءِ جي ڏکڻ اوڀر ۾ مدفون ٿيل آهي. جتي مزار تي شيخ مڱڻ لکيل آهي. ”قديمي شيخن مان درگاھ جو متولي ۽ ڪنجي بردار هو. مٿس پير جي ڏاڍي مهرباني هئي. چون ٿا ته سادات جي شيخن جا ڏوهٽاڻ آهن، تن جڏهن سجاده نشيني جي هٿ ڪرڻ پوءِ درگاھ جي ڪنجي جي لالچ رکي ۽ مقابلي جو ست نه ساري ڪنجي ڏئي ڇڏي، تڏهن سيدن ڪيتري به ڪوشش ڪئي پر در نه کليو. لوهار کي ڪلف ڀڃڻ لاءِ وٺي آيا، ته ڌڪ هڻڻ سان هٿ سڪي ويو. هن عجيب ڳالهه ڏسڻ تي سيد پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيا ۽ ڪنجي شيخن حوالي ڪيائون“. ان قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ مڱڻ ڪا اهم شخصيت آهي ، ڪنجيدار جو ڪم درگاھ قلندر لعل شهباز دروازو وقت تي کولڻ ڪرڻ ۽ ٽائيم تي دروازو بند ڪرڻ هو. درگاھ جو ڪم ڪار صفائي پڙ لاهڻ چاڙهڻ ۽ سار سنڀال هيو. سنڌ جو ناميارو محقق مير علي شيرقانع ٺٽوي پنهنجي اهم ڪتاب معيار سالڪان طريقت ۾ شيخ مڱڻ کي 1200ھ جو ڄاڻايو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شيخ مڱڻ، ڪلهوڙن جي دور جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ان ئي دور ۾ ”ڪنجيءَ ۾ سيد جي ڪابه دست اندازي ڪانه آهي ۽ ٻه گاديون ٿي پيون“. ان دور ۾ سبز واري سيدن جو نهال شاھ نوري پهريون سجاده نشين قلندر لعل شهباز جو ٿيو.