ڪتاب جِي فھرست

مير سيد صلاح الدين لڪياري (لڪياري خاندان جو احوال)

مير سيد صلاح الدين لڪياري (لڪياري خاندان جو احوال)
(اولادي امير)

سنڌ ۾ پهريون سيد لڪياري، سيد علي بن عباس موسوي سيوهڻ ويجهو لڪي شاھ صدر، جنهن کي اڳ ۾ لڪعلوي، چيو ويندو هو، اُتي اچي رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ جي لڪياري خاندان جو وڏو هيو، جنهن مان سيد صدرالدين عرف شاھ صدر مشهور آهي، ان مان پاڳارا، راشدي، ٻيا لڪياري سيد وڌيا ويجهيا جيڪو سلسلو اڃان تائين هلندڙ آهي. سيد علي ولد عباس چوٿين صدي هجري ۾ عربستان کان اچي سنڌ ۾ وَسيو، پنهنجو ٺڪاڻو لڪي شاھ صدر ۾ ٺاهيائين، سيد علي ولد عباس جي اولاد مان سيد صدر الدين لڪياري آهي.سيد صدرالدين جو اولاد سڄي سنڌ ۾ ٽڙيو پکڙيو.
سيد صدر الدين معروف (شاھ صدر) ولد سيدد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي زماني جي مشائخن جو سردار، سيدن جو فخر ۽ جملي برڪتن جو جامع هو. سندس اولاد سنڌ ۾ نجيب خاندان ۽ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشهور آهي. سندس ڪجهه خاندان سيوهڻ ۾ رهي ٿو (1).
مير سيد صلاح الدين اصل لڪعلوي (لڪيءَ) جي سيد سڳورن مان آهي. پنهنجي ذاتي صلاحيت جي وسيلي، دين خواھ دنيا جي سڌاري ۾ ڪوشش ڪري نالو ڪڍيائين ۽ درگاھ جي سجاده نشيني جي دولت نصيب ٿيس. سندس وجود پنهنجي پير جي نظر فيض اثر جي برڪت سان مريدن ۽ متعلقن جي هر طرح جي سڌاري جو باعث ٿيو. (2)
سيد صلاح الدين هي بزرگ شاھ صدر الدين لڪعلوي جو پوٽو آهي(3). هي صدر الدين شاھ لڪياري جو ڀائيٽو هيو، لعل شهباز سان گڏجي سيوهڻ پهتو ۽ ان جو خليفو ٿيو. مريد، خدمتگار ۽ طالب ٿيو. لعل شهباز جي وصال بعد سندس سند جو وارث ۽ سجاده نشين ٿيو.(4) هي سيد ابراهيم شاھ جو جتي جو طالب ٿيو، سيد ابراهيم شاھ جتي وري قلندر لعل شهباز جو معتقد هو (5)
مٿئين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير سيد صلاح الدين شاھ صدر جي خاندان مان آهي. ليڪن ڪو عالم لکي ٿو ته پوٽو هيو ڪو لکي ٿو، ته ڀائيٽو هيو. انهن محققن به ڪو مستند حوالو نه ڏنو آهي. صرف روايتن ۽ عقيدي جي بنياد تي لکيو ويو آهي، سائنسي تحقيق مطابق اُڪن ڌڪن کي رد ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين مير صلاح الدين جو احوال تحفته الڪرام ۾ موجود آهي. ان کي ئي اهميت ڏيڻ گهرجي. اڪثر محققن ان جو ئي ورجاءَ ڪيو آهي. مير سيدصلاح الدين، لڪياري خاندان جو اهل علم شخص هو.

مير سيد صلاح الدين تي اولادي امير جو نالو ڪئين پيو.
مير صلاح الدين کي نرينه اولاد نه ٿيندو هو، ”شاھ صلاح الدين جنهن جي هٿ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي خدمت هئي، حضرت لعل شهباز جي درگاھ ۾ گهڻي التجا ڪيائين آخر ۾ حضور مان آواز ٻڌائين ته تنهنجو نالو شاھ صلاح الدين اولادي (گهڻي اولاد وارو) رکيوسين. ان ڏينهن کان وٺي ڪري، شاھ صلاح الدين کي اولاد بيشمار ٿيو. (6)
سيد صلاح الدين کي سيد ابراهيم جتي اولادي ٿيڻ لاءِ پڻ دعا ڪئي هئي ۽ پوءِ کيس گهڻو اولاد ٿيو (7)، ان کان پوءِ اولاد گهڻي هئڻ ڪر اولادي امير سڏجڻ لڳو، سندس مقبري واري جاءِ اولادي امير جي ڪافي سڏجي ٿي.
مير علي شير قانع تحفته الڪرام ۾ مير سيد صلاح الدين جي پشت بابت لکي ٿو ته،
سندس فرزند رشيد سيد پير شاھ پيءَ جي قائم مقامي ۽ درگاھ جي سجاده نشني سان سرفراز ٿيو. هو رياضت جو صاحب هو. سڄي رات عبادت ڪندو هو. سياري خواھ اونهاري ۾ نفل جي سڀ ڪنهن ٻارهين رڪعت کان پوءِ نئون غسل فرمائيندو هو. سنڌ جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي ڏاڍيءَ سڪ سان سندس زيارت جي درخواست ڪئي پر هن قبول نه ڪئي. نيٺ هو سندس خدمت ۾ آيو تنهن تي ٻين سيدن ۽ خادمن کيس ڏاڍي تڪليف سان ٻاهر ڪڍيو. ڏسڻ سان چيائين ته هن کان پوءِ دنيا ۾ رهڻ چڱائي نه آهي ۽ جلد ئي گذاري ويو. (8)

سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور ۽ سيوهڻ جون حالتون
”ميان يار محمد جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ نورمحمد ڪلهوڙو پنهنجي علاقي جو 1131ھ ۾ حاڪم ٿي ويٺو، ۽ خداباد جي تخت گاھ واري حيثيت برقرار رکيائين. هندستان جو حاڪم رفيع الدول مغل ڪمزور بادشاھ هو. جنهن ذوالقعد 1131ھ 1719ع تي وفات ڪئي، 15 ذوالقعد 1131ھ 18 سيپٽمبر 1719ع تي روشن اختر محمد شاھ هندستان جي تخت جو وارث ٿيو. هن پنهنجي موت 1161ھ 1748ع تائين ڊگهو عرصو حڪومت هلائي ميان نور محمد پنهنجي جان نشينيءَ جو اطلاع دهلي درٻار تائين پهچايو ته:
هي (ميان نورمحمد) پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي فرمانبرداريءَ لاءِ تيار آهي. اطاعت ۽ فدا ڪاري جا واجبات پورا ڪري رهيو آهي. حڪمن جي جي پورائي لاءِ ڪوشان آهي. ايراني سرحدن جي قلعن، سبي، گنجابه ۽ ان کان سواءِ ٻين علائقن ۽ سيوستان جي لڪن جي نگهبانيءَ جا فرائَض ادا ڪري رهيو آهي. 1736ع ۾ سِبي، بکر ۽ سيوهڻ ڪلهوڙن جي حڪم هيٺ هئا، ٿوري عرصي ۾ ٺٽو حڪومت ۾ سندن حوالي ٿي. مخدوم دين محمد کي سيوستاني کي سيوهڻ جي فتويٰ ۽ قضا تي مقرر ڪيائين. 1143ھ 1730ع ڌاري مير غلام علي آزاد واقع نويس مقرر ٿي آيو. انهيءَ دور ۾ ظالم بادشاھ نادرشاھ سنڌ تي ڪاهي آيو. جنهن شهر اجاڙي ڇڏيا. ۽ سنڌ ملڪ 1152ھ 1739ع کان مغل سلطنت بجاءِ نادري بادشاھ (ايران) جو حصو بنيو، ميان نورمحمد جي بهتر رويي سبب نادر خان هن کي شاھ قلي خان جو لقب ڏنو. نادرشاھ جي وفات 1160ھ / 1747ع ۾ ٿي. ان بعد وري مغل سنڌ جا وارث ٿي ويٺا. سيوهڻ حڪومت ميان نورمحمد جي هٿ هيٺ رهي. جيڪو احمدشاھ ابداليءَ ميان نورمحمد کي شاھنواز خان لقب ڏنو ۽ وعدو ورتائين ته جيترو خراج نادشاھ کي ڏنو ويندو هو. اوترو خرچ هر سال قنڌار جي درٻار ۾ موڪلڻ گهرجي. ميان نورمحمد جي ٻن پٽن بروهين شهزادين سان شاديون ٿيون. ميان نورمحمد جيسلمير ۾ 12 صفر 1167ھ 9 ڊسمبر 1753ع تي وفات ڪئي. (9)
معلوم ٿئي ٿو ته مير صلاح الدين جو فرزند سيد پير شاھ سنڌ جي نامياري حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور جو آهي. سندس والد سيد صلاح الدين شاھ نور محمد ڪلهوڙي جي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دؤر جو هوندو يا ڪجهه سال اڳ جو سمجهڻ گهرجي. جنهن محققن لکيو آ ته قلندر لعل شهباز مير صلاح الدين گڏ آيو، انهن کان به غلطي ٿي آ جيڪا نظر اچي ٿي. ميان نورمحمد جي حڪومت 1131ھ شروع ٿي. قلندر لعل شهباز جي وفات 650ھ ۾ ٿي. اندازن 400 سالن جو فرق آهي. مير سيد صلاح الدين ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ حال حيات ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته سندس پٽ پير شاھ ميان نور محمد جي دور ۾ حال حيات آهي. سيد صلاح الدين نيڪ بزرگ خدا جو ٻانهو، قلندر لعل شهباز خدمتگار. اهل علم هو.
مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته هڪ راوي لکي ٿو ته سيد صلاح الدين کي اولاد لاءِ دعا ابراهيم جتي ستي ڪئي ٻيو لکي ٿو، قلندر لعل شهباز اشارتن حڪم ڪيو هو اولاد جو. ”مرشد جي وفات کان پوءِ قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي خدمت ڪندو هو“ (10)
تاريخي اعتبار کان ڏسجي ته قلندر لعل شهباز جي وفات مهل سيد صلاح الدين جو وجود ئي نه هو. ان شخص کي قلندر لعل شهباز گڏ ڪيئن ڏيکارجي ؟. مير سيد صلاح الدين جي مزار ڀرسان ٻه ٻيو مزارون به آهن، قياس آهي ته هڪ مزار سندس پٽ پيرشاھ ۽ ٻي مزار ڀائٽي جي ٿي سگهي ٿي. هن ٽنهي مزارن جي مٿان مقبرو آهي، پاسي ۾ (8) مزارون ٻيون به آهن جن مان هڪ سيد ولي محمد شاھ لڪياري ٻي سيد گل محمد شاھ لڪياري جي آهي. ٻيون مزارون سيدن جي خاندان جون چيون وڃن ٿيون. ٻه ٻيون مزارون جيجين جون آهن، اهي هاڻوڪي دور جون آهن، مير سيد صلاح الدين جو مقبرو قلندر لعل شهباز جي درگاھ جي ويجهو اوڀر ۾ جامع اهلسنت مسجد جي ڀر ۾ آهي.
سيد صلاح الدين پنهنجي دور جو اهل علم، نيڪ درويش، صوفي، سچو سالڪ، قلندر لعل شهباز جو خدمت گار، خدا جو سخي ٻانهو هو. پير شاھ کانپوءِ سيد نور شاھ سيد حيدر شاھ، نظر شاھ، اسد شاھ به هن خاندان جا شخص هئا، جن جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي پڻ ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن جون مزارون به مير صلاح الدين جي ڀرپاسي ۾ هجن.

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ