سيوهڻ شهر جي آڳاٽي تاريخ
سيوهڻ شريف شهر جي تاريخ تمام قديم آهي. سڀ کان آڳاٽي يا پهريون ڌرتي جوڙ (پري ڪئمبرين) جڳ ساڍا ٽي ارب سال اڳ يا اڃا به اڳي ننگر پار جي ٽڪرين جو جڙڻ چيو وڃي ٿو. ايم ايڇ پنهور لکي ٿو، ان وقت سينور ۽ ڪائي يا ڪل کان سواءِ زندگي جو ڪو وجود نه هو. هاڻ ڪجهه سائنسدانن جي راءِ آهي ته انهن جبلن جي ڄمار 5 بلين سال آهي. (1)
ٻيو ڌرتي جوڙ (پئليو سينڪ) جُڳ (دور)
48،000،000،62،000،000. سال اڳ سن مانجهند ۽ ٻڍاپور وغيره جي سامهون رني ڪوٽ سلسلي جو جڙڻ، جنهن ۾ پٿرائجي ويل (پنڊ پهڻ ٿي ويل) وڻ آهن. حيواني زندگي جو قسم جيڪو پهرئين ڌرتي، جوڙ جڳ وارن جبلن کان وٺي سرجيو هو ۽ اڃا هليو پئي. تنهن ۾ جيت ۽ هڏائن پڃرن ۽ ڪنڊن واريون مڇيون شآمل هيون. پکي اڃا سر جياپي ٿڻن وارا جانور پوري طرح سرجيل هجڻ واري ڏاڪي تي نه رسيا هئا. ماڻهو اڃا پيدا نه ٿيو هو. ٻوٽن ۾ کنڀي/ ڦنگي،، مختلف قسمن جا سينور، ڪائي، ڪل، بنا ڏانڊيءَ وار ٻوٽا، ڦڙهڻ وارا ٻوٽا، سامونڊي گاھ ۽ کجيءَ جهڙي پن وارا ڦڙهي ٻوٽا (بنا کوپي ٻج وارا) پر کوپي بند يا ڍڪيل ٻج وارا ٻوٽا اڃا ان وقت سرجڻ شروع ٿيا هئا. (2)
ٽيون ڌرتي جوڙ (ايئوسين) ڌرتيءَ جي ٽئين طبقي جو هيٺيون تھه جڙڻ.
47،000،000- 39،000،000 ٽي ڪروڙ، 90 لک، چار ڪروڙ ستر لک، لڪيءَ جي سامهون کان جهمپير وغيره تائين چوني پٿر واري لڪي سلسلي جو جڙڻ، زندگي ساڳي رني ڪوٽ سلسلي قسم واري هلندي آئي سواءِ ان جي ته هڏائين مڇين ۽ پکين ۾ وڌيڪ اوسر ٿي. ٿڻن وارا جانور به (سرجڻ) جي اڳڀرن ڏاڪن تي اچي پهتا. رني ڪوٽ سلسلي وانگر ڪجهه قسم جي ساوڪ موجود هئي. پر کل يا کوپي ۾ بند يا ڍڪيل ٻج وارن ٻوٽن ۾ اوسر جو عمل هلندو رهيو. (3)
سيوهڻ انسان جي ارتقائي پٿر واري دور ۾:
هي شهر انسان جي ارتقائي، دور جو وجود رکندڙ ٿي سگهي ٿو. هڪ ته هي شهر سنڌوءَ جي ڪناري تي آهي. ٻيو منڇر جي ويجهو آهي، ٽيون جبلن ته جڏهن مينهن پوندو آهي ته اهو پاڻي دريا، منڇر ۽ ڀرپاسي ۾ بيهندو آهي. انسان جي رهائش لاءِ پاڻي اهم ضرورت آهي. اڳي ڪا سائنس ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي، انسان جو معاشي گذر، مال ۽ زراعت هو. جڏهن انسان پنهنجي پنهنجي رهائشلاءِ رهڻ جون جايون ٺاهيون جهنگلي جانورن کان بچڻ، بارش کان لڪڻ، حفاظت سان رهڻ لاءِ غارن ۾ رهڻ شروع ڪيو. اهڙا غار سيوهڻ ۽ ڀرپاسي ۾ اڄ تائين ملن ٿا. سيوهڻ ۾ چوٿنڀي وارو غار، لڪيءَ جي چشمن وارو غار، (ڪائي) ۽ نيئنگ جي جبلن جا غار، زنده مثال آهن. اهو ساڳيو سلسلو، انسان پنهنجي پيٽ پوڄا ڪرڻ لاءِ، درياءَ ۽ منڇر مان مڇي مارڻ، جهنگلن مان شڪار ڪري ، زندگي گذراڻ لڳو. سيوهڻ شهر ۽ ڀرپاسي قدرتي چشما وهندا هئا. تن مان ڪي سڪي ويا آهن نه ڪي اڄ تائين وهندا رهن ٿا.
رحيمداد مولائي شيدائي لکي ٿو:
ويدڪ جي زماني ۾ سيوهڻ موجود هو. سندس حدون مهراڻ پريان هاڪڙي کان شروع ٿي، لڪيءَ جبل ۽ لاڙ تائين هيون. سندس قديم، نالو، (سنڌو سوارنا) هو. هن بيان موجب موهن جي دڙي کان پوءِ، سنڌ جو ٻيو نمبر قديم شهر هو.(4)
سنڌ ۾ فقط ٽي شهر هئا. ’الور‘، جو اڳ نيرون ڪوٽ وانگي (پٽالا) سڏبو هو. ٻيو سنڌو سوارنا، (سيوهڻ) ۽ ٽيون مينا ننگر، جو پوءِ ساموئي، يا سما ننگر سڏجڻ لڳو. قدامت جي لحاظ کان سيوهڻ جو شهر هتناپور، ٽئڪسيلا، سيالڪوٽ، ملتان، جهونا ڳڙھ، دوارڪا جو همعصر هو. اسڪندر يوناني جي ڪاھ کان گهڻو اڳ (سيوي) قوم شهر نيمروز (زابلستان) ۽ سنڌ تي قبضو ڪري ٽي تخت گاھ قائم ڪيا هئا. سيوهڻ جو اڳ (سنڌوسوارنا) سڏبو هو. سوهن قوم جي ڪري سيوستان سڏجڻ لڳو. زوب ۽ لورالائيءَ کي گڏائي مٿن سيوستان نالو رکيو سندس تخت گاھ سيوي هو جو هينئر سبي(Sibi) سڏجي ٿو. ٽيون سيوا جو هينئر قلات سڏجي ٿو. مٿيان ٽئي شهر قلعا ۽ قافلي سرائون (مسافرن جي رهڻ جي جاءِ) هئا. (5)
1750 ق . م:
جهُڪر کان پوءِ جهانگار جڳ آيو، جنهن جا ڪنڀارڪا ٿانو، ڪوريل بي رنگ ٿانو ۽ سادي چٽساليءَ وارا ٻه رنگا ٿانو آهن، جيڪي بي رنگ ٿانون جا همعصر آهن. جهانگارا جڳ (دور) جا ٿانو چانهو جي دڙي ماڳ تي گهڻو مٿي پڻ لڌا هئا. لڌل نمونن ۾ هڪ مخصوص قسم جي ٽه مٽي شاهي تُمپ، سيالڪ vi ۽ ايران ۾ شاھ تپي تان لڌي آهي، جنهن جو هتي اچڻ ڪاھ سان جوڙيو وڃي ٿو. (6)
1100 ق . م:
جهانگار ثقافت، جيڪا گهڻو ڪري 100 سال اڳ شروع ٿي. منڇر جي آس پاس پير ڄمائي ورتا. هن تي اهو نالو پاڙي جي جهانگارا نالي ڳوٺ تان پيو. (7)
900 ق . م:
900 ق م کي مهاڀارت ۽ رامائڻ جي لکڻ جو دور چيو وڃي ٿو. قدامت جي لحاظ کان هي شهر مهاڀارت ۽ رامائڻ کان به گهڻو اڳ موجود هو. جڏهن اڃا نيرون ڪوٽ، ديبل، ڀنڀور، برهمڻ آباد يا ساموئي جو وجود ئي ڪونه هو. (8)
519 ق . م:
ايران جي اشڪاني فرماوانن مان 519 ق. م، ڌاري درا سنڌ جي الهندي حصي تي قبضو ڪيو. اٽڪ کان وٺي سکر، لاڙڪاڻو ۽ سمنڊ تائين علائقو سندس قبضي هيٺ رهيو. بحري واپار کي زور وٺرائڻ لاءِ مهراڻ مان ٻيڙا پار ڪرائي سمنڊ تائين پهتو. سندس امير البحر اسڪائليڪس سيوهڻ جي بندر گاھ تي لنگر اندوز ٿيندا هئا. جتان سندس مصنوعات پرڏيھه رواني ٿيندي هئي. ان وقت سنڌ کي (هندش) ۽ سنڌو نديءَ جو علائقو سڏيندا هئا. انهن ڏينهن کي مشهور تاريخ نويس ”هيروڊٽس“ سنڌ کي نهايت دولتمند سڏيو آهي. دارا کان پوءِ ايران جي ٻئي شهنشاھ ”ڪسر“ جي هٿ هيٺ ساڳي حڪومت رهي. ايران جي بادشاھ نوشيروان جي زماني ۾ سندس خاص درٻاري حڪيم ”برزويه“ سيوستان ۾ آيو. هو پاڻ سان ڪتاب (پنج تنتر) کڻائي ويو. جنهن جو نوشيران فارسي ۾ ترجمه ڪرايو. (9)
325 ق .م:
يونان جي بادشاھ سڪندر اعظم مقدوني کي اچي خيال پيدا ٿيو ته آئون سڄي دنيا تي پنهنجي حڪومت جا قدم ڄمايان، انهي ارادي سان يونان مان نڪري، ايٿيا ڪوچڪ، شام، فلسطين، مصر، ايران، وچ ايشيا، ۽ افغانستان کي ختم ڪندو، خيبرلڪ ٽپي، بياس ندي پار ڪري ٻيڙين وسيلي ملتان اچ فتح ڪري پنهنجا قدم سنڌ ڏانهن وڌايائين. واٽ تي مخالف راجا پوس ۽ ٽئڪسيلا جي راجه ائمڀ (Omphoios) کي پنهنجي راھ مان هٽائي سنڌ ۾ داخل ٿيو. ان قت اروڙ فتح ڪري روهڙيءَ کان ٿيندو، ماهوٽا ڳوٺ واري علائقي ۾ يعني موجوده لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پهتو. اتي سنڌي قوم مان جوان چونڊي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪيائين. ساهي پٽي، سيوهڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سيوهڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، مئڊونيا جي فوجي جوانن سيمت ٻه هزار ٻيڙين ۾ سوار ٿي سنڌي نديءَ ذريعي سفر ڪري سيوهڻ جي اوڀر ۾ ٻيڙيون لنگر انداز ڪري سيوهڻ (سنڊيمانا) تي حملو ڪيو ان وقت سيوهڻ ۾ حاڪم راجا سمابا/سامبس (Sambos)هو. (10)
سڪندر اعظم ملڪ جو هڪ شهر به سلامت ڪون ڇڏيو، سڀني کي ڦري لٽي ڀينگ ڪرڻ کانپوءِ ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ان ڪري ڪوبه ڀريو تريو شهر هن جي ڪيس (ظلم) ۽ قهر کان بچي ڪونه سگهيو. اوسي پاسي وارا ماڻهو سندس اهڙي ڏاڍ ۽ ظلم جي (ڀوَ) کان ڏهڪائجي ويا هئا. بعد ۾ هن راجا سامبوس (Sambos) جي ساري ملڪ کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو. ڪيترا ڀريا تريا شهر ڀڙ ڀانگ ٿي ويا. سندس ڏمر ۽ ڏاڍ کان برهمڻ به آباد ڪونه رهيا. ڇاڪاڻ ته سندس خيال موجب هنن برهمڻن عام ماڻهن کي سندس خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائي باھ ڪري ڇڏيو هو. باقي ماڻهن کيس ٻاجهه ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو. تنهن تي هن بي ڏوهن کي بخشي آجو ڪري ڇڏيو. پر جيڪي کيس ڏوهي نظر آيا تن کي قتل ڪيو ويو. راجا سامبس ٽيھه هاٿي ساڻ ڪري سنڌ اڪري ڪيڏانهن نڪري هليو ويو. (11)
سيوهڻ ۾ ان وقت جو مذهب
سڪندر اعظم جي حملي وقت سيوهڻ ۾ (جين مت) مذهب جي اڪثريت هئي. جين مت پنهنجي سڄي تاريخ ۾ سدائين هندستان تائين محدود رهيو آهي، جيتوڻيڪ ان مذهب جا مڃيندڙ اڪثر پئسي وارا ۽ ڏيھه توڙي پرڏيھه سان واپار ڪندڙ شاهوڪار آهن. شروع ۾ هن مذهب جو مگڌ (بهار) ۾ چڱو زرو هو. چندر گپت موريا (اشوڪ اعظم جو ڏاڏو) وڏي عمر ۾ تخت ڇڏي جين مت جو پيروڪار ٿي ويو هو. موريا حڪومت جي خاتمي کان پوءِ جين مت (اجين) گجرات ۽ مٿرا ڏانهن زور پڪڙيو. اُجين وارن ڏينهن ۾، اتان جو کتري شهزادو پوتري (وڪرما جيت جو ڀاءُ) جلاوطن ۽ سنياس اختيار ڪري (سيوهڻ آيو) ۽ جوڳ مت (جين مت، ٻڌ مت يا ناٿ پنٿ) جو پرچار ڪيائين (12)
جيت مت جا پوئلڳ گوشت ڪونه کائن، ڪو ساھ وار جانور مارڻ ته ٺهيو، زخمي ڪرڻ کان به ڊڄندا آهن. ايتري قدر جو جيت جڻن جو وڏو خيال رکندا آهن، ڪنهن ماڻهو جو رت وهائڻ پنهنجي مذهبي عقيدي موجب ناجائز سمجهندا آهن. خون ريزي کان پري ڀڄندا آهن، ڇو ته انهن جي مذهب ۾ رت وهائڻ ڪنهن کي مارڻ، ڪنهن کي ڏکائڻ سخت گناھ آهي.
جين مت جا پوڄاري اڳئين دور ۾ مورتيون ڪونه پوڄندا هئا.پوءِ آهستي آهستي مورتين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.
سيوهڻ قلعي جي مضبوطي سبب سڪندر اعظم جي فوج اڙل واھ کان سرنگهه هڻي پوءِ قلعي ۾ داخل ٿي هوندي. ڇاڪاڻ ته حملي وقت اتر طرف واري حفاظتي ديوار شاھي معاملات کي ٻين برجن کي تمام گهڻو نقصان رسيو هو. جن جي مرمت سڪندر اعظم ڪرائي هئي. (13)
سڪندر اعظم سيوهڻ جي رکوالي لاءِ پنهنجي ساٿي (پيٿان) کي رکوالو مقرر ڪيو ۽ ٻين کٽيلن علائقن لاءِ ”سبليوڪيس“ کي سار سنڀال لاءِ مقرر ڪيائين (پيٿان) پيٿان ايراني هو. جو ان وقت سنڌ تي گورنر مقرر ٿيل هو. سندس حڪومت سيوهڻ ۾ اٽڪل ٽي سال رهي، ان وقت سيوهڻ سنڌ جي ڪجهه حصي جو دارلحڪومت هو. ۽ ان جا صوبا ”جنڪان“ ”ڪوھ پايا“ ۽ روجهاڻ هئا. سڪندر اعظم سيوهڻ جي فتح کان پوءِ پٿالا (نيرون ڪوٽ) تي قابض ٿيو. (14)
نتيجو
سيوهڻ شهر ڪيترائي ارتقائي، مرحلا طئي ڪري جوان ٿيو آهي. سيوهڻ ۽ ڀرپاسي ماڻهن جو غارن ۾ رهڻ، قديم دور جون پڪيون پختيون نشانيون آهن. هي شهر منڇر جي ڀر ۾ درياءَ جي ڪناري هئڻ ڪري آباد رهندو آيو آهي. انسان جي اهم ضرورت پاڻي آهي. چشما وهندا رهيا آهن جيڪي اڄ به وهندا رهن ٿا. سنڌ جي موهن جي دڙي جيتري قدامت رکندڙ شهر سيوهڻ شريف آهي. موهن ته برباد ٿي ويو ليڪن سيوهڻ پنهنجي قدامت سان گڏ پنهنجو وجود زنده رکيو پيو اچي. سيوهڻ جو قديمي تاريخي قلعو وقت جي حڪمرانن هٿان ڪڏهن آباد ته ڪڏهن برباد ٿيندو رهيو آهي. هن مقالي ۾ عيسوي سن کان اڳ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ قديم تاريخ رکندڙ شهر جن ۾ اروڙ، برهمڻ آباد، چانهوءَ جو دڙو، ڀنڀور، ديبل، وغيره پنهنجو وجود وڃائي چڪا آهن. پر سيوهڻ اڄ به زنده آهي. وقت جي وهڪرن کي منهن ڏئي، پنهنجو مثال قائم ڪندو پيو اچي. هر دور ۾ ظالم بادشاھن سيوهڻ جي رهاڪن تي ظلم ڪيو آهي، ۽ شهرن تي قبضو ڪيو آهي.
سڪندر اعظم جي دور ۾ جيت مت جي ماڻهن نه ٿي چاهيو ته ڪو ته رت وهي. ڇو ته ان جي مذهب رت وهائڻ ناجائز هو. ان ڪري هنن جنگ نه ڪئي هوندي. ۽ (سامبو) ٻاهر نڪري ويو هوندو.
سيوهڻ، منڇر، جهانگارا جي هڪ ئي تهذيب هئي. 1100 ق م ۾ مشهور هئي. هن ديس جا رهواسي امن پسند به هئا ته ترقي پسند به هئا. جيئن هنن جي تهذيب جي تاريخ زنده رهندي پئي آئي ته هنن جا شهر به زنده رهندا پئي آيا.
حوالا ۽ مددي ڪتاب
(1) پنهور ايم ايڇ، پيرائتي سنڌ ڪٿا، عمر سومرو اڪيڊمي ڪراچي. 2011ع صفحو 19.
(2) پنهور ايم ايڇ، پيرائتي سنڌ ڪٿا، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 19
(3) پنهور ايم ايڇ پيرائتي سنڌ ڪٿان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 19.
(4) شيدائي، رحيمداد خان مولائي، سنڌ جا پراڻا شهر، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 2018ع صفحو 79.
(5) شيدائي رحميداد خان مولائي، سنڌ جا پراڻا شهر، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 80.
(6) پنهور ايم ايڇ، پيرائتي سنڌ ڪٿا، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 72
(7) پنهور ايم ايڇ پيرائتي سنڌ ڪٿا. حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 76
(8) شيدائي رحيم داد خان مولائي، سنڌ جا پراڻا شهر، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 79
(9) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع صفحو 49
(10) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 45
(11) ڀنڀرو عطا محمد، سنڌ تي سڪندر جي ڪاھ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2013ع صفحو 391.
(12) ابڙو بدر، سنڌ ۾ جين مت، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ 2018ع صفحو 15
(13) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل صفحو 46
(14) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ صدين کان، حوالو اڳ آيل آهي. صفحو 46.