شخصيتون ۽ خاڪا

سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

مير حاجن مير ھڪ وڏي عرصي کان سيوھڻ جي تاريخ ۽ شخصيتن کي ڪتابي صورت ۾ سھيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھي ڪتاب پڻ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي. ھي ھڪ تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ سيوھڻ شھر جي تاريخ سان گڏ سيوھڻ جي تاريخي درگاھن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن تي ٻڌل آھي. ڪتاب ۾ لعل شھباز قلندر، مخدوم بودلي، سيد جمن شاھ جتي ستي سميت 44 درگاھن جو ذڪر آھي.

Title Cover of book سيوهڻ جون تاريخي درگاهون

سيد مير ڪلان سبزواري سيوهاڻي

سيد مير ڪلان سبزواري سيوهاڻي
(مير ڪلان ۽ سندس خاندان جو احوال)

سيد مير ڪلان ڪربلا جي عظيم القدر ساداتن مان آهي، سندن وڏا انهيءَ مبارڪ سرزمين کان آيل هئا، سيد ميرڪلان جڏهن قنڌار پهتو تڏهن مير شير قلندر جنهن جون ڪرامتون ۽ مناقب مشهور آهن. جنهن جي مزار قنڌار کان ٽي فرسخ (9ميل) الهندي طرف اشڪلچه ۾ آهي، اتان سندس لنگهڻ ٿيو، سنڌ جي فتح کان پوءِ ميرڪلان قنڌار کان سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي، سيوستان (سيوهڻ) جي پسگردائي ۾ رهجي پيو ۽ گهڻو ڪري قدوت الواصلين مخدوم شهباز قلندر جي مزار پُر انوار تي گذاريندو هو. زهد ۽ عبادت ۾ سندس مٽ ڪونه هو. فقيرن ۽ مسڪين جي ڏاڍي مدد ڪندو هو ۽ پٺيان گهڻو ئي اولاد ڇڏيائين. (1)
مير ڪلان پهريائين سيوهڻ جي پسگردائي (کبڙوٺ) نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو پوءِ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. لعل سائين سان لاڳاپي جي ڪري درگاھ جي گاديءَ ۾ سندس اولاد جو حصو رهيو. (2)
سيد صاحب ڪربلا جا رهاڪو هئا. اتان لڏي اچي قنڌار ۾ رهيا. مرزا شاھ بيگ جو سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ آيا ۽ سيوستان جي ڀرسان اچي رهڻ لڳا. سندن گهڻو وقت حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار تي گذرندو هو. عبادت ۽ پرهيزگاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. (3)
سيد مير ڪلان امن پسند، صلح پسند، نيڪ بزرگ، امين ۽ صادق هيو، ديندار، نيڪ دار، پرهيزگار، پنهنجي دور جو هڪ بهترين شخص هيو. پنهنجي عبادتن سان گڏ سياسي، سماجي ڀلائي جي ڪم حصو وٺندو هيو. (4) مير ڪلان جو شجرو هن ريت ملي ٿو:
سيد مير ڪلان ولد سيد ولي، ولد سيد محمود، ولد سيد جعفر ولد سيد مغفور، ولد سيد محمد ولد علي، ولد ابي طالب محمد ولد علي، ولد هيبت الله ولد ثعلب، ولد محمد ولد علي، ولد احمد ولد حسن محمد ولد ابراهيم ولد محمد، ولد موسيٰ ڪاظم، ولد جعفر صادق، ولد محمد باقر، ولد امام زين العابدين ولد حضرت سيدنا حسين ولد علي رضه ولد ابي طالب.(5)
مير ڪلان سيد بابا ابراهيم ولي، ولد سيد محمود، ولد سيد جعفر،ولد سيد مغفور، ولد سيد محمد، ولد سيد علي، ولد سيد ابي طالب، ولد سيد محمد، ولد سيد علي، سيد هيبر الله ولد يعلب، ولد سيد محمد ولد سيد احمد، ولد سيد ولي، ولد سيد محمد حسن، ولد سيد محمد ابراهيم ولد سيد امام موسيٰ ڪاظم . (6)
ميرڪلان شاھ ولد سيد ولي، ولد سيد محمود، ولد سيد جعفر ولد سيد مغفور ولد سيد محمد، ولد سيد علي، ولد سيد هيبر الله ولد سيد يعلب، ولد سيد محمد (محمد علي) ولد سيد احمد ولد محمد حسن ولد سيد ابراهيم ولد سيد امام موسيٰ ڪاظم. (7)
ٽنهي شجرن ۾ گهٽ وڌائي نظر اچي ٿي، پير حسام الدين (محمد) کي حضرت موسيٰ ڪاظم جو پٽ ڄاڻايو آهي. الشهباز واري ۽ شجرو سادات مروندي سبزواري ۾ ابراهيم کي حضرت موسيٰ ڪاظم جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي.

سيد مير ڪلان جو سڀ کان پهرين ڪتاب ۾ احوال
سيد مير ڪلان جو سڀ کان پهريون احوال سنڌ جي اهم تاريخي ڪتاب، تاريخ معصومي ۾ موجود آهي. تحفته الڪرام واري ليکڪ ۽ ٻين سڀن محققن ان ڪتاب تان احوال کنيو آهي. ان کان پهرين مير ڪلان جو احوال ڪنهن به ڪتاب مان نه ٿو ملي. مير معصوم بکري واري تاريخ معصومي ۾ سيد مير ڪلان جو ذڪر ڪيو . مير محمد معصوم بکري جي والد سيد صفائي، شادي مير ڪلان جي نياڻي سان ڪئي هئي، خانداني حوالي سان مير معصوم بکري وارو، سيد مير ڪلان جو ڏوهٽو ٿئي. مير محمد معصوم بکري 7 رمضان المبارڪ سومر ڏينهن 944ھ (1543) ۾ پيدا ٿيو. وفات 1014ھ. مير معصوم ’تاريخ سنڌ‘ عرف ’تاريخ معصومي‘ 1009ھ ڌاري لڳ ڀڳ لکي آهي. سيوهڻ شريف مير معصوم جو ناناڻو شهر آهي.

سيد مير ڪلان جي شخصيت
”سيد مير ڪلان فضيلت، زهد ۽ تقويٰ جي ڪري بي نظير هو، مسڪينن فقيرن ۽ دل وارن لاءِ سندس دل ۾ بي انتها ڪاڍو هيو. انهي پرهيز گاري، فقير دوستي ۽ مسڪين نوازيءَ هنن نون ماڳن ۾ کيس جلد ئي اهڙي ريت مقبول ۽ مشهور ڪري ڇڏيو سندس اوطاق اوڙِي پاڙي جي ڏکويل ۽ آزايل انسان لاءِ مرڪز ۽ مرجع ٿي ويئي. (8)
سيد مير ڪلان پنهنجي دور جو نيڪ انسان، بزرگ، سچو، محبت ڏيڻ وارو شخص هو، جنهن پنهنجي دور ۾ وڏي عزت ۽ نالو ماڻيو، سندس واسطا اميرن، نوابن، نيڪ ٻانهن سان هئا.

سيد مير ڪلان جي دور جا حڪمران ۽ سياسي حالتون
شاھ بيگ ارغون شاھ حسن ارغون 896ھ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان (اول) مير معصوم بکريءَ، تاريخ معصومي ۾ سيد مير ڪلان کي شاھ حسن ارغون جو همعصر لکيو آهي. جيڪا هڪ حقيقت آهي. مرزا شاھ حسن ارغون مرزا شاھ بيگ جو فرزند ارجمند هئو. مرزا شاھ حسن ارغون 12 ربيع الاول 962ھ 1555ع تي وفات ڪئي. 34 سال حڪومت ڪيائين. مير محمد معصوم بکري حڪمران شاھ حسن ارغون ڪجهه ديني علم سيوهڻ جي مشهور عالم قاضي ڏتي سيوهاڻي جي مدرسي ۾ پڙهيا هئا. اهو ذڪر مير محمد معصوم پاڻ تاريخ معصومي ۾ لکيو آهي، ان وقت مير ڪلان زندھ هو، شاھ حسن ارغون ۽ سيد مير ڪلان همعصر هئا.
”همايون بادشاھ جمادي الاول 948ھ 1541ع ۾ بکرجي مهم يادگار ناصر مرزا جي حوالي ڪري پاڻ سيوستان تي اچي ڪاھ ڪيائين، قلعي جي جاين جڳهن کي اڳ ۾ ئي شاھ حسن برباد ڪري ڇڏيو هو. سو همايوني قلعي جو گهيرو ڪيو ويٺو رهيو. اها خبر جڏهن شاھ حسن کي پئي ته ”سن“ آيو ۽ کاهي کوٽي ٻيڙيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين.
مير عليڪا، شاھ حسن جي حڪم سان سيوستان پهتو ۽ ڪنهن طريقي سان قلعي اندر داخل ٿي ويو. جڏهن همايون کي ان جي خبر پئي ته قلعي ۾ کاٽ هڻن جو حڪم ڏنائين. سپاهين انهيءَ مهل هڪڙي ڀت ڪيرائي وڌي پر قلعي وارن مڙسي ڪري وري جلدي ٺاهي ورتي. جنهن سان همايون جا حوصلا پست ٿي ويا (9). شاھ حسن جي هوشياري ڪري همايون بادشاھ سيوهڻ جي قلعي تي قبضو نه ڪري سگهيو ۽ واپس موٽي ويو. شاھ حسن جي وفات کان پوءِ، مرزا عيسيٰ ترخان سنڌ جي واڳ سنڀالي.
مرزا شاھ حسن جي وفات کان پوءِ سندس پويون وقت ڏسي لا ولد مرڻ سبب ٻن اميرن، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾ سنڌ جي قبضي ڪرڻ لاءِ سخت اختلاف پيدا ٿيا. (10)
”سلطان محمود به هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي لاءِ تيار ٿي آيو. طرفين ۾ جنگ ٿي. ٻه ٽي دفعا جهڙپون ٿيون، جنهن ۾ طرفين جا سپاهي قتل ٿيا. سلطان محمود کي جڏهن مقابلي جي باقي طاقت نه رهي تڏهن هو بکر جي قلعي ۾ قلع بند ٿي ويٺو ۽ هوڏانهن مرزا عيسيٰ ترخان قلعي کي مضبوط گهيرو ڪري، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو جنهن سان قلعي ۾ ماڻهن جو ڪاروبار ۾ مشڪل ۽ خلل پيا. لاچار سلطان محمود، مير معصوم بکري جي ناني سيد مير ڪلان کي مرزا عيسيٰ ترخان ڏي موڪليو. جنهن کيس حقوق آشنائي، دوستي ۽ اخلاص کان آگاھ ڪري التماس ڪيو ته بکر سلطان محمود کي ڏي، جو هندستان جي سرحد تي واقع آهي ۽ حقيقت ۾ آهي به هن جو، باقي سيوستان ماتحت نوڪرن ۽ رشتي دارن سميت مرزا عيسيٰ ترخان جو آهي*. (11)
اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جو ٺاھ سيد مير ڪلان سبزواري سيوهاڻي ڪرايو هو. جنهن سان علائقي ۾ امن رهيو نه ته جنگ ۽ تڪرار ۾ ڪيئي جانيون ضايع ٿين ها. ڪيئي خاندان برباد ٿين ها.
ٿي سگهي ٿو سيد مير ڪلان سبزواري کٻڙوٺي ڪي ٻيا به صلح ڪرايا هجن پر وڌيڪ ڪو (ٺاهن) جو احوال نه ملي سگهيو آهي، ليڪن سيد مير ڪلان سيوهاڻي، امن پسند انسان هيو. چڱائي هن جو پيشو هيو. ضرور ڪي ٻيا به صلح (ٺاھ) ڪيا هوندائين. ان دور جي حالتن مان معلوم ٿئي ٿو ته جنگيون، تڪرار، ظلم حڪمران جا پاڻ ۾ اڪثر رهيا آهن ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا ظلم به ڪندا هئا. پر سيد مير ڪلان سيوهاڻي جو ڪردار صاف، سچو، خدا جي نيڪ ٻانهي وارو آهي، جيڪو هميشه امن ۽ محبت، چاهيندو هو.

سيد مير ڪلان جو اولاد
سيد برڪو (برڪ)
سيد محمد
سيد محمود
سيد طالب . (12)
سيدحسام الدين راشديءَ مير معصوم بکري واري ڪتاب ۾ سيد مير ڪلان جي وڏي پٽ جو نالو بَرڪو لکيو آهي. جڏهن ته شجره سادات مروندي سبزواري ۾ (برڪ) لکيل آهي. جڏهن ته ابدالن واري شجري ۾ برڪت لکيل آهي. اهو شخص هڪڙو ئي آهي، جنهن جو نالو (برڪو) ئي آهي. سيد مير ڪلان سيوهاڻي کي پهرئين پٽ مان ڪو اولاد نه ٿيو.
سيد مير ڪلان سيوهاڻي کي ٽنهي پٽن مان گهڻو اولاد ٿيو، جيڪو وڌندو رهيو، هن وقت تائين سيوهڻ ۾ چار خاندان سيد مير ڪلان جي خاندان مان آهن ڪجهه ٻيا به گهر آهن، جيڪي چون ٿا اسان به سيد مير ڪلان جي اولاد مان آهيون.
سيد مير ڪلان جي ٻئي نمبر پٽ سيد محمد مان هن وقت هڪڙا کٽ ڌڻي ۽ ٻيا ابدال سڏائن ٿا.
ٽئي نمبر پٽ سيد محمود مان سيد حاجي موٽيل شاھ سبزواري جو خاندان آهي. جن وٽ شجرو سادات مروندي سبزواري موجود آهي.
چوٿين نمبر پٽ سيد طالب مان سيد وريل شاھ سبزواري جو خاندان موجود آهي.

ڳوٺ تي کٻڙوٺ جو نالو ڪيئن پيو
سيد مير ڪلان سيوهاڻي هڪ گهاٽي کٻڙ هيٺان عبادت ڪندو هيو. اتي ٻيا به ڪجهه گهاٽا کٻڙ هوندا هيا. کٻڙ هڪ گهاٽي وڻ جو قسم آهي جنهن ۾ سنهيون سنهيون ٽاريون ٽاريون ٿينديون آهن. هن ۾ پن به گهڻا ٿيندا آهن. اڪثر اُس کان بچڻ لاءِ ماڻهو هن وڻ جي هيٺان ويهندا آهن، ڳوٺ (کٻڙوٺ) تعلقو سيوهڻ ۾ منڇر جي ويجهو سيوهڻ شهر جي اتر اولهه ۾ هن وقت به موجود آهي. کٻڙن جي ڪري ڳوٺ جو نالو کٻڙوٺ پيو ۽ ڳوٺ جا رهاڪو کٻڙوٺي سڏجڻ لڳا.

سيد مير ڪلان جي وفات
”مير معصوم پنهنجي تاريخ 1009ھ جي آسپاس لکي پوري ڪئي آهي. مير ڪلان جي سلسلي ۾ سندس لکيل عبارت مان اندازو ٿئي ٿو ته ترخانن جي دور ۾ مير موصوف انتقال ڪيو هوندو. قياس آهي ته مير ڪلان عيسيٰ ترخان جي آخري سالن (962-973ھ ۾ لاڏاڻو ڪيل ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته ميرزا عيسيٰ جي اولاد ۾ جيڪو جنگ و جدل ٿيو، يا مرزا باقي پنهنجن خواھ پروان مٿان مامرا مچايا ۽ خون خرابا ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ مير ڪلان جو ڪِٿي به نالو ڪونه آيو آهي“. (13)
سيد مير ڪلان جو مقبرو ۽ قبرستان
سيد مير ڪلان جو مقبرو سيوهڻ شهر ۾ پير پوٽن جي قبرستان ۾ موجود آهي، هن مقام کي سبزواري سيدن جو قبرستان به چوندا آهن. ان جي پاسي ۾ معصومن جو قبرستان به موجود آهي. سيد مير ڪلان جو مقبرو پهرين ڊهيل هوندهو هو، هن وقت سيد آصف علي شاھ سبزواري مير ڪلان جو مقبرو ٻيهر تعمير ڪرايو آهي. سيد مير ڪلان جي ٿوري مفاصلي تي 6 مقبرا ٻيا به آهن جيڪي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور جا چئي سگهجن ٿا. وڌيڪ احوال هن نقشي ۾ ڏنو ويو آهي.

نتيجو
سيد مير ڪلان قلندر لعل شهبازرح سان گڏ نه آيو هئو جن به ڪتابن اهو لکيو آهي ته سيد مير ڪلان لعل شهباز سان گڏ آيو هئو انهن کان ڀل ٿي آهي. انهن ليکڪن ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي ته انهن اهو حوالو ڪٿان ورتو آهي. رڳو ڌڪن کان ڪم ورتو اٿن، جڏهن ته سڀ کان اول احوال تاريخ معصومي ۾ موجود آهي، اهو ليک مير معصوم جو ڏهٽو ٿئي. مير معصوم لکي ٿو ته سيد مير ڪلان مرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود جو (ٺاھ) ڪرايو. جڏهن ته قلندر لعل شهباز جي وفات 650ھ ۾ ٿي ۽ مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت 962ھ کان 973ھ تائين رهي. جڏهن ته قلندر جي وفات 673ع آهي. هاڻ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مير ڪلان قلندر لعل شهباز کان گهڻو پوءِ سنڌ ۾ آيو.
سيد مير ڪلان جي شخصيت ايمانداري، سچائي، نيڪ بزرگ واري آهي. صلح پسند، امن ۽ پيار جو پيروڪار هو، قلندر لعل شهباز جو وڏو عقيدت مند هو، نيڪ نمازي صوم صلوات ۽ عبادت جو پابند هو، سندس (ٺاهن) ڪري ڪيئي جانيون بچيون هيون، ڪيئي گهر بربادي کان بچي ويا هئا. آخري وقت ۾ سيوهڻ اچي وسايائين. سندس خاندان هن وقت تائين قلندر لعل شهباز جا خادمين آهن. سندس جي شخصيت سياسي ۽ سماجي ۽ درويش واري هئي.

حوالا ۽ مددي ڪتاب
1. بکري ميرمحمد معصوم، ”تاريخي معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2006ع ص 192
2. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”حضرت لعل شهباز قلندر“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007ع ص 200
3. قدوسي اعجاز الحق، سنڌ جي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي 2017ع ص 274
4. سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، ”سيوهڻ صدين کان“، مراد پبليڪيشن سيوهڻ 2009ع ص 115
5. راشدي سيد حسام الدين، مير محمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ 2005ع ص 37
6. سيوهاڻي جليل الشهباز، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2012ع ص 37
7. ”شجره سادات مروندي سبزواري“، خانداني شجرو.
8. راشدي سيد حسام الدين، ”مير محمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 33-32
9. قدوسي اعجاز الحق، سنڌ جي تاريخ، مهراڻ اڪيڊمي 2017ع ص 264
10. راشدي سيد حسام الدين، ”مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 33
11. ٺٽوي سيد مير محمد بن جلال، ”ترخان نامو“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 63
12. راشدي سيد حسام الدين، ”مير محمد معصوم بکري“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 36
13. راشدي سيد حسام الدين، ميرمحمد معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2005ع ص 35