شيخ احمد سنداڻي
سيوهڻ صوفين جي سرزمين آهي. اسلامي دور کان صوفين پنهنجو بيٺڪون ٺاهيون سيوهڻ ۾ به ان دور کان سلسلو هلندڙ آهي. شيخ احمد سنداڻي، ٽلٽي جو رهندڙ ، گهڻن مريدن ۽ ڊگهي اولاد وارو هو. جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو ته پنهنجي اولاد ۽ مريدن کي وصيت ڪيائين ته مونکي سيوهڻ ۾ دفن ڪيو وڃي. پوءِ ائين ئي ٿيو. شيخ احمد سنداڻي جي وفات عيد ڏينهن ٿي. شيخ احمد سنداڻي جي مزار مبارڪ مشايخ سيوستان ۾ آهي ته ڇٽي امراڻي جي ڀرسان آهي. مخدوم ڇٽي امراڻي جي چوڌاري هاڻ رهائش ٿي وئي آهي. شيخ احمد سنداڻي جي مزار مبارڪ سيوهڻ شريف جي ڪربلا واري ميدان جي اولهه ۾ ڪوٺي نما جڳهه ۾ آهي. سندس ڀر ۾ هڪ ٻي مزار به آهي، پر ان جي معلومات ناهي. ٽلٽي سيوهڻ تعلقي جو مشهور ڳوٺ آهي. شيخ احمد سنداني جو اباڻو ڳوٺ ٽلٽي هو. هن بزرگ جون ڪيئي ڪرامتون به مشايخ سيوستان ۾ لکيون ويون آهن. جن تي اعتبار ڪرڻ مشڪل آهي.