عالم چنو
دنيا ۾ ڊگهي قد وارو شخص
عالم چنو ولد محراب خان چنو 1956ع تي ڳوٺ بچل چنا تعلقو سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو(1). عالم چنو پهرين هڪ عام شخص هو سندس تعليم به ڪا خاص ڪانه هئي، اوچتو فطري طور سندس قد وڌي ويو، دنيا جي وڏي قد وارن شخصن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، چنا ذات سيوهڻ جي قديمي رهاڪو آهي. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان وقت چنا ذات وارن اسلام قبول ڪيو هو.
عالم چني کي دنيا جو سڀ کان ڊگهو انسان هجڻ جو اعزاز 1985ع ۾ حاصل ٿيو. ان کان اڳ اهو اعزاز بنگلاديش جي شهر ڍاڪا جي رهاڪو (پنٽرا برمن) کي حاصل هو. جنهن جو قد اٺ فوٽ ٽي انچ هو، جنهن جي وفات کان پوءِ 7 فوٽ 8 انچ ڊگهو قد رکندڙ عالم چني کي دنيا جو سڀ کان ڊگهو انسان قرار ڏنو ويو. (2)
عالم چني ڊگهي قد سبب عالمي شهرت ماڻي پر زندگي ۾ کيس ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. بسن ۽ ويگنن ۾ سفر نه ڪري سگهندو هيو. 1986ع ۾ صدر ضياءَ الحق کيس هڪ ٽويٽا ڪار سوکڙي طور ڏني هئي. پر ان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ اڳين سيٽ ڪڍڻي پوندي هئس ۽ چيلهه چٻي ڪري ويهڻو پوندو هئس. جنهن ڪري کيس چيلهه ۾ سور پئجي ويندو هو، تنهن کانسواءِ گاڏي ۾ چڙهڻ لهڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي مدد حاصل ڪندو هو. سندس پيرن ۾ ٻاويهين نمبر جا بوٽ يا چپل پورا ايندا هئا. جيڪي هو خاص آرڊر تي تيار ڪرائيندو هو. سندس وڳو پندرهن ميٽرن مان تيار ٿيندهو هو. سمهڻ لاءِ هن ڏھ فوٽ ڊگهو پلنگ ٺهرايو هو. (3)
پهريائين ٽائون ڪاميٽي سيوهڻ جو ملازم هو بعد ۾ اوقاف کاتي ۾ ملازم ٿيو. حضرت قلند رلعل شهباز تي اڪثر حاضريون ڏيندو هيو. ٻهاري به ڏيندو هيو. صفائي به پنهنجي هٿ سان ڪندو هيو. کيس مالي مدد اوقاف کاتو، ريڊيو پاڪستان،پاڪستان ٽيليويزن، پي آءِ اي، حبيب بئنڪ، حڪومت سنڌ، حڪومت پاڪستان ۽ ٻين ڪمپنين ۽ ادارن طرفان ڪئي ويندي هئي. عالم چنه ٿوري وقت ۾ سٺي ملڪيت ٺاهي ۽ سٺي زندگي گذاريندو هيو، ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيائين جن ۾ سعودي عرب، آمريڪا، برطانيه ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
عالم چنه پهرين شادي هڪ خوبصورت پٺاڻي عورت سان ڪئي، پر جلدي ٻنهي وچ ۾ جدائي ٿي ويئي، 1988ع ۾ ٻي شادي سيوهڻ مان نسيم عرف نصيبا نالي عورت سان ڪيائين جنهن مان کيس هڪ پٽ عابد چنا ڄائو. عالم چنه کي چار ڀائر ۽ پنج ڀينرون هيون، عالم چنو سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو هيو. سياست ۾ به سيوهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽي سان لاڳاپيل هوندو هو.
هڪ ڀيرو ڌاڙيلن طرفان هڪ چٺي مليس، جنهن ۾ کيس ڳري رقم ڏيڻ لاءِ لکيو ويو هو، پر پاڻ اها ڳري رقم ڏيڻ جي سگهه ساري نه سگهيو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سميت ڪراچي وڃي رهڻ لڳو، هر سال، پاڪستان جي آزادي جو ڏينهن ملهائڻ آمريڪا، ويندو هو. جنهن جو انتظام پاڪستاني سفارخاني طرفان ڪيو ويندو هو. عالم چنه آمريڪا جي هڪ اشتهاري ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ڳري رقم سان گڏو گڏ آمريڪا جي ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي. عالم چنه جي وزيٽنگ ڪارڊ تي سندس نالي کانپوءِ گهمندڙ ڦرندڙ سفير، لکيل هوندو هو. پاڻ ڪيترن ئي فلاحي ادارن لاءِ فنڊ گڏ ڪيائين، کيس سنڌ جي قديم آثارن سان تمام گهڻي محبت هئي، هن جاپان جو دورو ڪري موهن جي دڙي لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ته جيئن پنهنجي شاندار ماضي کي محفوظ رکي سگهون. (4)
عالم چنو سماجي ڪم ڪندي هڪ وڏي بلڊنگ سيوهڻ ۾ (سگا) سماجي تنظيم کي ڏني. عالم چني جي گڙدن ۾ خرابي ٿي پئي، حڪومت طرفان آمريڪا موڪليو ويو، جتي هن 2 جولاءِ 1998ع تي نيويارڪ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. سندس جسد خاڪي کي سيوهڻ ۾ آڻي شهباز ڪالوني جي مسجد جي احاتي ۾ مدفون ڪيو ويو. شهباز ڪالوني واري مسجد جو بنياد پاڻ رکيو هئائون، ان مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا. هن مقالي لکندڙ به سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هئي.
حوالا
(1) سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو ،سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف 2009ع ص 432
(2) وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾،“ مرتب سرجڻهار پبليڪيشن دادو 2011ع ص 244
(3) وگهيو نياز ،”سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾،“ حوالو اڳ آيل آهي. ص 244
(4) وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي آئيني ۾،“ حوالو اڳ آيل آهي. ص 245