ميان جلال خاموش
ولي الله ميان جلال خاموش ملتان جي سيدن مان هو. قرآن پڙهڻ جي شوق ۾ ”ڪات بابران“ واري رستي ڏانهن ٿي ويو ته واٽ تي ميان حسن موذن وٽ ترسي پيو، هن پڇيس ڪهڙي ڪم سان نڪتو آهين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين. ته چيائين ته ’قرآن‘ پڙهڻ لاءِ ”ڪات بابران“ جي وستيءَ پيو وڃان. جيئن ميان نندي وٽان قرآن جي قرعت سکي اچان. ان سوال پڇڻ تي ئي خدا جي وحدانيت ۾ گم ٿي ويو ۽ بيهوش ٿي ويو. ميان جلال خاموش، ديني تعليم حاصل ڪئي هوندي هو پنهنجي دور جو وڏو بزرگ هو. ميان جلال خاموش جون ڪيئي ڪرامتون بيان ڪيون ويون آهن. فقيري رنگ ۾ رهندو هو. ”ڪڏهن ڪنڊ ۾ ويهي آرام سان گودڙي ٿي سبيائين ته ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ان کي ساڙي ٿي ڇڏيائين. معلوم ٿئي ٿو ته سادي طبيعت جو مالڪ هوندو. ڪڏهن جلال ۾ اچي گودڙي ٿي ساڙيائين ته ڪنهن مهل ٽٽل گودڙي کي ڳنڍ ٽوپا ٿي ڏنائين. سچو سلاڪ صوفي درويش، پرهيزگار نيڪ بزرگ هو. صديون گذرڻ باوجود به سندس مان مٿيرو آهي. سندس مزار مبارڪ سيوهڻ اسٽيشن روڊ واٽر سپلا گهٽي جي سامهون روڊ سان گڏ آهي. سندس ڀر ۾ هڪ ٻي مزار به آهي، جنهن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. شيخ ٽوپڻ جي مزار به هن بزرگ جي ويجهو آهي.